شڪارپور

افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ

NATOشڪارپور (ڊر) ڪراچي کان افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان ڳوٺ لوڊرا وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آئل ٽينڪرن کي باه لڳي وئي ۽ وري انهن آئل ٽينڪرن جي باه جي نتيجي ۾ ٻن ٻين آئل ٽينڪرن کي پڻ باه لڳي وئي آئل ٽينڪر باه لڳڻ سبب سڙي رک ٿئي ويا جڏهن ته ٽئي آئيل ٽينڪرن کي معمولي قسم جو نقصان پهتو ٽينڪرن جا ڊرائيور پنهجي فرار ٿئي ويا اهڙي خبر پوندي ئي فائر برگيڊير جو عملو باه تي قابو پائڻ لا۽ پهچي ويو آخري اطلاعن تائين باه تي قابو نه ٿئي سگهيو جڏهن ته پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ ٻڌايو ته اڪٽر تيل جا ٽينڪر پراڻا هوندا آهن تيل جي ٽينڪرن جا مالڪ تيل ۽ ٽينڪرن کي باه لڳائي ڪري انشورنس ڪمپنين کان ٽينڪرن جا پئسا ڀرائڻ لا۽ اهڙا واقعا ڪرائيندا آهن جنهن جا ثبوت پڻ مليا آهن آخري اطلاعن تائين نه ته ڪو ڪيس داخل ٿئي سگهيو آهي ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي ياد رهي ته ان ساڳئي ئي جا۽ ته هڪ دفعو پهريائين به نيٽو جا آئل ٽينڪر ساڙيا ويا هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button