آزاد ڪيل جوابدار سڪندر شيخ جي گرفتاري لاءِ پٽڻي جي رهواسڻ مسمات نورجهان شيخ جو احتجاج
سکر(بيورورپورٽ)سکر پوليس طرفان گرفتاري بعد ايس ايس پي جي حڪم تي آزاد ڪيل جوابدار سڪندر شيخ جي گرفتاري لاءِ پٽڻي جي رهواسڻ مسمات نورجهان شيخ پنهنجي ٻن ٻارن سميت سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ميڊيا کي دانهيو ته گرفتاري بعد ڇڏيل جوابدار 2 مهينا اڳ سندس گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو هو جنهن جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي ان ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ايس ايس پي جي حڪم تي ڇڏيو وي جيڪو سراسر غير قانوني عمل آهي لڳي ٿو ته جوابدار جي بااثر ماڻهو پشت پناهي ڪري رهيا آهن جيڪڏهن جوابدارن خلاف ڪاروائي بجاءِ پوليس آفيسر کين ڇڏي ڏيندا ته ڏوهن جون ڪاروايون ڪيئن ختم ٿينديون هن وزير اعلي سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ ،آرپي او ،۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي ته ڇڏيل جوابدار کي گرفتار ڪري سندس گهر مان ڦر ٿيل 2 لک روپيا روڪ،سونا زيور ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي ٻئي صورت ۾ انساني حقن جي تنظيمن کي دانهڻ سوڌو احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.