ٺٽو

پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ، پائلٽ زخمي

planeٺٽو(سجاد علي ميمڻ)پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ ڪري لهي پيو، ليڊنگ دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پوڻ ڪري جهاز کي نقصان، پائلٽ زخمي،سومر واري ڏينهن منجهند جو پاڪ فوج جا ٻه تربيتي جهاز جيڪي ڪراچي کان پنهنجي معمول جي اڏام تي نڪتل هئا ته ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺورو جي حدن ۾ پهتا ته هڪ تربيتي جهاز جنهن تي آرمي 196 لکيل هو ۾ اوچتو فني خرابي ٿي پئي جنهن کي فوري طور تي پائلٽ عقلمندي جو مظاهرو ڪندي شهري آبادي کان واپس موڙي مڪلي طرف روانو ٿيو پر جهاز جي فني خرابي وڌي وڃڻ ڪري ان کي هنگامي بنيادن تي مڪلي اسٽيڊيم ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊنگ ڪرائي ويئي جنهن دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پيو ۽ جهٽڪا لڳڻ ڪري تربيتي جهاز جو پائلٽ شعيب معمولي زخمي ٿي پيو واقعي بعد سول ايويئشن جا ماهر مڪلي اسٽيڊيم پهچي جهاز ۾ پيدا ٿيل فني خرابي ۽ هنگامي طور تي ڪيل لينڊنگ جا تفصيل معلوم ڪيا جڏهن ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون پهچي ويون، جهاز جي هنگامي لينڊنگ سبب اسٽيڊيم جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ حراس واري فضا پکڙجي ويئي هئي بعد ۾ ڪراچي کان هيليڪاپٽر گهرائي زخمي پائلٽ کي ڪراچي نيو ويو جڏهن ته واقعي بابت ميڊيا کي قانون نافذ ڪندڙ عملي پاران ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button