سکر

ٽرانسفامر خراب ٿيڻ جو سينيٽر اسلام الدين شيخ نوٽيس وٺندي نئون ٽرانسفارمرز جي خريداريءَ اعلان ڪري ڇڏيو

power transformerسکر(بيورورپورٽ)سکر جي مختلف علائقن ۾ ٽرانسفامر سڙڻ ۽ خراب ٿيڻ جو سينيٽر اسلام الدين شيخ نوٽيس وٺندي نئون ٽرانسفارمرز جي خريداريءَ لاءِ پنهنجي ۽ نعمان اسلام شيخ جي خصوصي فنڊ مان 2 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مان نوان 8 3 ٽرانسفارمر خريد ڪري سگهبا. هي ڳالهه هن سکر هائوس ۾ جيئڻ ڏيو سول سوسائٽي سکر جي آرگنائيزر سيد ذيشان بخاري جي اڳواڻيءَ ۾ ملندڙ هڪ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. اسلام الدين شيخ جو چوڻ هو ته ترانسفارمرن جي خرابي ۽ ان جي نتيجي ۾ بجلي معطل ٿيڻ جي ڪري شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي شهرين جي انهن مشڪلاتن کي ڏسندي نئون ٽرانسفارمرن جي خريداريءَ جي لاءِ پنهنجي ۽ نعمان اسلام شيخ جي خصوصي فنڊ مان ٻه ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته عوام جي خدمت ڪرڻ پهريون مقصد آهي. حڪومت ۾ هجون يا حڪومت کان ٻاهر هميشه سکر جي عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ آئنده به اهي ڪوششون جاري رهنديون. هن چيو ته سنڌ ۾ حاليه برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. جنهن مان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. جن جي بحالي لاءِ حڪومت تمام وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. برسات متاثره خاندانن کي وطن ڪارڊ ذريعي 0 2 هزار روپيا فراهم ڪيا وڃن ٿا. جنهن مان 0 1 هزار روپيا وفاقي حڪومت ڏيندي. هن ان موقعي تي اڳوڻو يوسي ناظم ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ حاجي اعجاز ميمڻ اسلام الدين شيخ پاران شهر ۾ نوان ٽرانسفارمر لڳائڻ جي لاءِ 2 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جو اعلان جو خير مقدم ڪندي چيو آهي ته خراب ٽرانسفارمر جي جاءِ نوان ٽرانسفارمر لڳڻ سان وولٽيج جي گهٽ وڌائي ۽ بجلي جي بندش جي شڪايت جو ازالو ٿي سگهندو. ان قدم تي اسلام الدين شيخ ۽ نعمان اسلام شيخ کي مبارڪباد ڏني. وفد سينيٽر اسلام الدين شيخ کي شهري مسئلن کان آگاهه ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button