همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪري رھي آھي
سکر(بيورورپورٽ)همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪرڻ آهي. ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت انصاف جي بالادستي، بقائ انسانيت جو تحفظ ۽ امن ۽ محبت کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن جدوجهد ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار سکر همدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه همدرد فائونڊيشن جي مرڪزي هيڊ آفيس جي تزئين ۽ آرائش جي ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته همدرد اتحاد جو مشن ۽ منشور ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام ۾ باهمي همدردانه اتحاد قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت جي فروغ کي اجاگر ڪرڻ ضلعي استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اندرون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان جي بحالي ، علائقائي مسئلن جو حل ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ قانون پسند پر امن ماڻهن جي حقن جو تحفظ جو دفاع ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته همدرد اتحاد مستحقين ۾ عيد گفٽ ورهايا ته جيئن اهي به عيد جي موقعي تي ان خوشي ۾ شامل ٿين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تاريخ ۾ هميشه ٻن قسمن جا ماڻهو زنده رهندا آهن. هڪ ظلم ڪندڙ ۽ ٻيو ظلم جي خلاف آواز اٿاريندڙ هاڻي اسان تي آهي ته اسان فرعون جو رستو اپنايون يا پياري نبين ، ولين، صحابه ڪرام يا مدرٽريسا چيني شخصيت کي پنهنجي زندگي جو محور بڻائي ڪري انهن ظالمن خلاف آواز اٿاريون. ان پس منظر کي سامهون رکندي سکر همدرد اتحاد ضلع سکر جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون آهن. جيڪي انهن مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ عوام سان رابطو ڪنديون ته جيئن انهن کي درپيش مسئلا حل ٿي سگهن