خيرپور جي ٽن تعلقن ۾ برسات جي ڪري ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي: ڊي سي او
خيرپور : برگيڊيئر قيصر جي صدارت ۾ ڊي سي او هائوس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي اندر تازو برساتن جي حوالي سان صورتحال جي جائزي وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ برگيڊيئر کي ضلعي اندر تازو برساتن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ حڪومت پاران امدادي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي او بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته خيرپور ضلعي جا ٽي تعلقا جنهن ۾ فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارو شامل آهن انهن ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ٻين تعلقن جا ماڻهو پڻ متاثر ٿياآهن. ڊي سي او ٻُڌايو ته ضلعي اندر ووئنڻن جو فصل ۽ سبزيون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪمند، جوئر، ساريون ۽ ٻيو فصل پڻ 60 سيڪڙو تباهه ٿيو آهي. هن چيو ته ضلعي حڪومت مختلف سماجي تنظيمن جنهن ۾ سنڌ رورل سپرورٽ پروگرام (سرسو) انڊس ريسورس سينٽر (آءِ آر سي) ۽ ٻيون علائقائي توڙي بين الاقوامي سماجي تنظيمن سان گڏجي ضلعي اندر برسات متاثرن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ضلعي اندر 9 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 500 ڪلوميٽر تي روڊ رستا ، 105 مختلف اسڪولز جو عمارتون ۽ 12000 گهر تباهه ٿيا آهن جڏهن ته برسات متاثرن 1653 آءِ ڊي پيز جي جي بحالي لاءِ ضلعي حڪومت پاران 54 رليف ڪئمپون، 38 لائيو اسٽاڪ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ برسات متاثرن جي گهرن کي بچائڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپمنگ مشينون ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ڊي سي او صحت کاتي، ورڪس اينڊ سروسز کاتي، آبپاشي کاتي، پبلڪ هيلٿ ، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي عملدارن کي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ جي هدايت ڪئي. گڏجاڻي برگيڊيئر قيصر ضلعي حڪومت کي پاڪستان آرمي پاران ڀرپور تعاون ڏيارڻ جو يقين ڏياريون ۽ ضلعي اندر برسات متاثر جي بحالي جي ڪم جي چڱي طرح مانيٽرنگ ڪرڻ جي گذارش ڪئي. ان موقعي تي ايِ ڊي او فنانس اينڊ پلاننگ احمد علي قريشي ضلعي حڪومت پاران امدادي ڪمن جي حوالي سان گڏجاڻي ۾ تفصيل ٻُڌايا. گڏجاڻي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن، ميجر عمران، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر احسان الله سيال، ايِ ڊي او روينيو راجه شاه زمان کهڙو، اِي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ محمد فيصل کوکر، پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر احمد خان ابڙو، ڊي او روڊس عبداللطيف پليجو، پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي سپورٽ مئينيجر مقصود احمد لُنڊ، آبپاشي، اسڪارپ، روينيو ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.