جي يو آءِ سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي
سکر(بيورورپورٽ) جي يو آءِ ضلعي سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ ۽ سکر جي عالم غلام مصطفي ڪمال پيرزادي جي قاتلن کر گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مولانا محمد صالح انڍڙ ،حافظ غلام مصطفي ٻرڙو،مولانا عبدالڪريم عباسي،مولانا عبدالحق مهر،حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي بي حسي سبب سنڌ جا برسات متاثر ٻن هفتن کان لاوارثي ۽ اذيت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن کين غريب متاثرن جو ڪوبه عملي احساس ڪونهين رڳو اعلان ۽ ڳالهيون ڪري وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انهن جي واهر ڪن هن چيو ته هڪ هفتو گذرڻ باوهود مولانا مصطفي ڪمال پيرزادي جا قاتل گرفتار نه ڪري سکر پوليس پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.