تو ڪيئن ٻوڙي سنڌڙي: ستار پيرزادو

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي
شاهه
****
وسُ وسُ وسي ڪر وسَ، ڏاڍا ڏينهن ٿيا ٿي
اياز
برسات جو پوڻ، بُٺ ڌرتتي ڌرتيءَ جي آس جي پڄاڻي يا ڌرتيءَ جي سپني جي ساڀيا سڏبي آهي. ڌرتيءَ کي ريج ايندو، سندس تتل سينو سيراب ٿيڻ کان پوءِ سک جو ساهه کڻندو آهي، ته فضا ۾ گرميءَ جو پد هيٺ ڪري پوندو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي سائي چهچ شال اوڍيندي آهي جنهن تي ڪي پيلا گل، ڪي گلابي گل، ڪي سفيد، ڪي واڱڻائي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا کنهنبا کلي پوندا اٿس جو ڌرتيءَ تي انساني نظر پوندي ئي جسم ٺنڊا ٺار ٿي ويندا آهن
پر هن موسم جي چؤماسي جي آخر ۾ يعني آگسٽ يا بڊي جي آخري ڏهي کان پوءِ جيڪو برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن کان ته يا خدا پناهه! هن سال جي چؤماسي جي برساتن جو مارو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي ٿيو آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان وٺي بدين جي ڇيڙي يعني زيرو پوائنٽ تائين ڦهليل آهي. اها سنڌ جي سموري پٽي قدرتي طور تي جر کارو ۽ سم ۽ ڪلر جھجھو هئڻ ڪري سدائين آلي رهندي آهي. هلڪي قسم جي ماڪ پوڻ سان به گپلو ٿي ويندو آهي ۽ سج جو تکو تاءُ به ان ڌرتيءَ تان اهو پاڻي سڪائي نه سگھندو آهي. ويتر وسي مينهن! پوءِ ته رات ۽ ڏينهن گپ ئي گپ هوندي آهي. رستا رند، ٻنا ٻارا پاڻي ئي پاڻي، ماڻهن جي لاءِ گھر مان نڪرڻ ئي عذاب ٿي پوندو آهي

گھر پٽ ڪيا آهن، ڪيترا ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن، هزارين مختلف مرضن ۾ مبتلا ٿيا آهن. ڪيترا شهر، ڳوٺ، واهڻ وستيون ، لڙهي ويون آهن. ڪٿي ڪٿي ته ڳوٺن جا ڳوٺ ڍنڍن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. سون تي سهاڳي جو ڪم ته وري ان علائقن ۾ سم نالن ڪيو، رهي کهي ڪثر به پوري ڪري ڇڏيائون ۽ بچيل سچيل ڳوٺڙا به ان جي اٿل ٻوڙي ڇڏيا ڇاڪاڻ جو انهن ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃڻ ڪري، سامونڊي پاڻي انهن نالن ۾ ويرن تي چڙهي آيو ۽ انهن نالن جي گھٽ نيڪال واري سطح ۽ سمنڊ کان ڪافي هيٺ هجڻ جي ڪري انهن ۾ سامونڊي پاڻي به ڪاهي پيو ۽ انهن جي ڪپرن سامونڊي پاڻيءَ جي ڊهه ئي نه جھلي

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن جون اخبارون ۽ ٽي وي چينلز پاڻيءَ جون تصويرون ۽ فلمون هلائي ملڪي منهندارن کي انگ اکر پيش ڪري رهيا آهن پر مجال آهي جو سندن مٿي جي گنج ۾ ڪا خارش به ٿي هجي. تصويرن ۽ فلمن ۾ ڏيکاريو ٿو وڃي ته ماڻهو چيلهه جيڏي پاڻيءَ کي جھاڳي، جانيون بچائي نڪري رهيا آهن. ڪٿي ملٽريءَ جا جوان کين ٻيڙين رستي ڳوٺن مان ٻاهر ڪڍي رهيا آهن، پر قدرت چوي ٿي پُڄو ته پُڄانوَ. ڪٿي برساتي پاڻي موٽرن وسيلي پمپ ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ جوان رُڌل ڏيکاريا ٿا وڃن، وري رات ڀر ۾ يا ڏينهن ڏٺي جيڪا برسات برسي ٿي اها اڳ کان اڳري آهي. چري ويران وير وڌ وارو حساب لڳو پيو آهي

نقصان ڪيترو ٿيو آهي، ڪاٿو ڪيئن لڳي؟ اهو ته تڏهن لڳائي سگھبو جڏهن مينهن وسي وسُ ڪري ۽ ڪا ڪَرَ ڏئي، ڪا ساهي پٽي يا مند مٽجي، مُون سُون جي حد ٽٽي پوي ته خبر پوي ته انساني، مالي، جانورن، فصل ۽ گھرو سامان ملائي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. ان ڪاٿي کان پوءِ ان جو ازالو ڪرڻ ڪنهنجي وس ۾ آهي، ڪير ڇا ڇا ڪري ٿو سگھي، سنڌ جو سردار ۽ جاگيردار ته ٻئي هٿ پنهنجي پيٽ ۽ وات ۾ وجھڻ جو عادي آهي ۽ سائين علي احمد بروهي چواڻي ته سنڌي مسلمان ۾ چيرٽيءَ جو تصور ئي ڪونهي، اهو ڪنهن جي ڪهڙي امداد ڪندو. هي جو گذريل سال ٻاهرين ملڪن مان مليل امداد جي لاءِ روز روز اخبارون اهي خبرون ڏينديون آهن ته اها امداد مستحق ماڻهن کي نه ٿي ملي يا اسٽورن ۾ بند آهي ۽ اتان ڪيڏانهن گم ٿي ٿي وڃي يا اها گرميءَ جي ڪري خراب ٿي وڃي ٿي. وتائي فقير چواڻي مئي سهايوَ ڪنهن کي ڏئي نه سٺوَ واري حالت اسان جا منهندار ڪري رهيا آهن ته پوءِ وزير به انهن جو اولاد ته آهن. انهن مان ڪو به اهڙو آهي جيڪو هن حالت ۾ پنهنجي تڪ جي عوام سان رڳو سکڻي همدردي ئي ڪرڻ ويو هجي؟ ماڻهو دانهون پيا ڪن، ڳوٺاڻا ٻاڏائن پيا ۽ سندن نمائيندا ايم ڪيو ايم وارن جي پير چٽ ۾ رُڌل آهن ڇاڪاڻ جو صدر زرداريءَ کي بچائڻو آهي، عام ته ڪُت خلق آهي تنهن کي ريجھائي وٺبو، ايم ڪيو ايم وارا چڙي ويا ته سندن ماسٽر ناراض ٿي پوندو ته صدر زرداريءَ جي نوڪري ۽ عياشي هلي ويندي

ڇا ڏوڪري تعلقي جا جتوئي، ٻگھيا، انڙ رڳو ڏوڪري تعلقي جي عوام ، جنهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ نماڻا ٿي گادين تان لهي گاڏين ۾ چڙهي اچي مختلف قسم جا واعدا ڪري، اٻوجھه عوام کي ڪا ميڙ ڪا منٿ، ڪو دڙڪو دهمان، ڪا لٺ چٺ ڏيکاري پنهنجي حق ۾ ووٽ ڏياري، ڪراچيءَ ۽ دبئيءَ جي قهبا خانن ۾ پاڻ لٽائيندا آهن. اهي تعلقي جي عوام کي ڪجھه ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ هو ته ڏيڻ جا عادي ئي ناهن، هو ته وٺڻ اڃان به کسڻ ۽ ڦرڻ جا فاتح آهن. سندن پنهنجي پنهنجي خاندانن جي غريبن لاءِ ئي جيءُ نه ٿو جھري ته عام ماڻهن جي مصيبتن کي ڪيئن ڏسندا؟ سندن جِيءَ کي ڪهڙو جھٻو ايندو! ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ته اهڙن موقعن تي ڳوليا به نه لڀندا آهن
اهڙي حالت ۾ سنڌ جو اٻوجھه عوام وري به اين جي اوز طرف واجھائيندو آهي پر گذريل سال واري برساتي ٻوڏ جي نتيجي ۾ مليل امداد جي ورهاست جون اخباري ۽ ميڊيائي خبرون ۽ فلمون ڏسي، دنيا جون ڪهڪاءُ کائيندڙ ايجنسيون به سنڌ جي امداد لاءِ ڏهه ڀيرا سوچينديون ته ڇا امداد ڏجي يا نه؟

اسان جي سنڌ جا ٻه حصا اهڙا آهن جن جو سارو دارو مدار برسات تي آهي. اهي آهن ٿر ۽ ڪاڇو. ٿر بابت ته اهي خبرون آهن ته ٿر جي صحرا سائو ويس اڍيو آهي. اتي گولاڙا ۽ گُگِرُ ڦٽي پيو آهي. ڪارونجھر تي مور ٽهُوڪڻ لڳا آهن، ڏُٿّ ۽ ڏؤنرا ڦٽي پيا آهن پر جيڪڏهن بارش اتي ئي دنگ ڪري ته سندن وارا نيارا ٿيندا ۽ جي اڃان به اُٺو ۽ پلر جو پاڻي مندائتو نه سڪو ته ڦٽل سلا به سڙڻ شروع ٿي ويندا. واهه قدرت تنهنجو ڪمال! اها ئي بارش يا پاڻي سلا اُڀاري ۽ اها ئي بارش يا پاڻي سلا ساڙ ڇڏي

ڪالهه ڪپيندي ساوا سلا

مونکي ايئن لڳو هو

ڄڻ مان ڪنهنجو ساهه وٺان پيو

هوڏانهن ڪاڇو آهي سڄي جو سڄو جابلو علائقو، جبل ۾ نه ٿا کوهه لڳن نه ٽيوب وويل، انهن جو گذارو به بارش تي. بارش برسي ته ڪي ترايون تَرِ ٿين ۽ ڪي جوئر، ٻاجھر ان وس تي ٿئي. ڪو گاهه مال متاع لاءِ ڦٽي پوي، ڪو جانورن جي لاءِ ۽ جيءَ جياپي لاءِ پاڻي گڏ ٿئي، ڪي ڍورا ڀرجن، جنهن تي جيوَ جيئن. پر هيل ۽ پَرُ سال انهن سان به جيڪو قهر ٿيو آهي، ان جو ازالو اڃان تائين ٿيو ئي ناهي ته وري به ساڳي ئي مند ۾ نه صرف وسڪارو ٿيو آهي پر ان وسڪاري ته ويل وهائي ڇڏيا آهن، سندن پَرُ سال وارا جھريل اجھا ئي جڙي نه سگھيا هئا ته وري به ساڳي مند ۾ برسات سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا اٿن. ڪو اوهي واهي ناهي، دانهن اونائڻ وارا حڪومتي گرگ گونگا ٻوڙا بڻجي ويا آهن. بارش هاڻ ته لاڙ ۽ ڪاڇي کي لوڙهيندي اڳتي هلي ميداني علائقي، وچولي کي به ورائي وئي آهي. ڳوٺ، شهر، واهڻ، وستيون، رڳو پاڻي ئي پاڻي، گپ چڪ، ڪسمرو، بدبوءِ، بيماريون، ڇنن جو ڇڻڻ ڇڄڻ، ديوارن ۽ ڪچن گھرن جو ڪرڻ، ان مندائتي مينهن جي ور چڙهي ويل سڄي سنڌ، ڪنهن در دانهين، ڪنهنجي آڏو ٻاڏائي، آهي ڪو اوهي واهي جو سنڌ جي دانهن ٻڌي ڪو داد ڪري؟

نوٽ ھي آرٽيڪل انڊس ھيرالڊ ۾ شايع ٿيو آھي، اصل آرٽيڪل پڙھڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو۔

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close