ٺٽو

بيروزگار نوجوان پاران 13 ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رکيو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي جي بيروزگار نوجوان پاران 13 ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رکندي پنهنجن معصوم ٻارڙن ۽ گرده وڪرو ڪرڻ جا هوڪا، احتجاج ڪندڙن سان گڏ سندن مائرون به شامل ٿي مڪلي پهچي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي جي گهرن آڏو احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي. ضلعي ٺٽي اندر مختلف کاتن توڙي اين جي اوز ۾ غير مقامي ماڻهن جي مقررين ۽ مقامي نوجوانن کي نوڪريون نه ڏيڻ واري عمل خلاف 13 ڏينهن پڻ بيروزگار نوجوانن پاران پنهنجا معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان هوڪا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، جڏهن ته بيروزگار نوجوانن سندن مائرن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي ڊي سي او آفيس کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي جي گهرن اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏنا، بيروزگارن موجب صوبائي وزير سسئي پليجو پنهنجي رهائشگاهه ۾ موجود هوندي اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هي سندس تڪ ناهي جڏهن ته ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي ۽ سندس رهائشگاهه تي موجود پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو موجود هئا، کين بيروزگار نوجوانن ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه، هوشو عباسي ۽ ٻين مخاطب ٿيندي چيو ته هو گذريل 13 ڏينهن کان روزگار جي حاصلات ۽ ٻاهرين ماڻهن جي ڀرتين خلاف معصوم ٻار ۽ پنهنجا گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيا آهن پر ان جي باوجود سندن احتجاج جو ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي جيڪا هن جهموري دور ۾ وڏي نا انصافي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ حاجي عثمان جلباڻي کين خاطري ڏياريندي چيوته هو کين روزگار ڏيارڻ لاءِ مٿي ڳالهائيندا ۽ ضلعي اندر ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن کي پڻ پابند بنايو ويندو ته مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏين، بعد ۾ احتجاج ڪندڙ پريس ڪلب ٺٽو آڏو قائم احتجاج ڪيمپ تي پهچي ٻيهر ٻار ۽ پنهنجا گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button