ٺٽو

بشير خان قريشي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي: صوفي حضوربخش

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ صوفي حضوربخش پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجن کي خوش ڪرڻ لاءِ بشير خان کي گرفتار ڪرايو آهي هن چيو ته حڪومت دهشتگردن کي لڪائڻ ۾ پوري آهي جڏهن ته ڌرتي ڌڻين کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته بشير خان قريشي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي بشير خان قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اها رياستي دهشتگردي آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي بنان جواز گرفتار ڪيو پيو وڃي هن چيو ته جيڪڏهن بشير خان قريشي ۽ سندس ساٿين کي جلد بازياب نه ڪيو ويو ته سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button