خيرپور
برسات متاثر ضلعي جي ڪنهن به علائقي ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ رابطو ڪن
خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پاران تازو برساتن جي حوالي سان ڊي سي او آفيس جي درٻار هال ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي روينيو عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي ضلعي جي ڪنهن به علائقي ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ هنن نمبرن0243-9280198 ۽ 0243-9280222 تي رابطو ڪري مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن اِي ڊي او روينيو خيرپور جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم ٺاهي وئي آهي جيڪا ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو معائنو ڪري امدادي ڪاروايون ڪندي.