ٺٽو

برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي ضلعي انتظاميا ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿيڻ ۽ 35 ديهون متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جو ٿيو آهي. ڪاروگونگڙو سم نالي تي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ ڪري ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي ۽ هن سم نالي جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 1250 ڪيوسڪس آهي جڏهن ته هن وقت 3085 ڪيوسڪس پاڻي سم نالي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالي جي سسٽم کي بچائڻ سان گڏ آسپاس ۾ تباهي جو سبب بڻيل پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي صورتحال لاڳو ڪري سکر کان ڳريون موٽر مشينون ۽ پائپ ۽ ماهر انجنيئرن کان مدد حاصل ڪري صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ جاتي ۽ ميرپوربٺورو تعلقن ۾ تباهي ٿي آهي جنهن موجب هن وقت تائين 35 ديهون مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري متاثر ٿيون آهن جن تي 100 سيڪڙو زرعي آبادي ختم ٿي ويئي آهي هن چيو ته هن وقت تائين ٺٽي ضلعي اندر پوندڙ برساتن ۽ سم نالن جي اٿل سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن جن مان ڪجهه ماڻهن کي قائم ڪيل 7 رليف ڪيمپن ۾ ترسايو ويو آهي جڏهن ته باقي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائي کاڌ خوراڪ، راشن ۽ علاج جي سهوليت فراهم ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button