مختصر خبرون

برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي: جاويد ميمڻ

سکر(بيورورپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته حاليه برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي ۽ آبادگارن، هارين، جي بيٺل فصل تباهه ٿيڻ تي انهن جي نقصان جي ازالي جي لاءِ مالي امداد جو فوري انتظام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ايندر برسات متاثرن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، عبدالرحيم سيٺي، شڪيل قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته بدامني ۽ لاقانونيت جي ڪري سنده ۾ معيشت، صنعت ۽ زراعت پهريان ئي زبون حالي جو شڪار آهي رهي سهي ڪسر طوفاني برساتن پوري ڪري شهري ۽ ٻهراڙي جي عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي. اهڙن حالاتن ۾ حڪومت کي گهرجي ته هو برسات متاثرن جي امداد جي لاءِ زباني، ڪلامي دعوئن ۽ واعدن جي بجاءِ عملي قدم کڻن ته جيئن متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ٿي سگهن. هن چيو ته برسات جي دوران ڪرندڙ ڪچي گهرن جي متاثرن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت فوري منصوبا بندي ڪري ته جئين کلي آسمان هيٺ موجود پريشان حال ماڻهو سياري جي موسم اچڻ کان پهريان ڇت حاصل ڪري سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button