مختصر خبرون

ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس جا گُشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي

خيرپور : ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو خيرپور ضلعي جي آبادگارن ۽ زميندارن کي آگاهي ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس جا گُشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي تنهن ڪري اُهي زميندار ۽ آبادگار جن جي سال 2010 ۽ 2011 جي سالانه زرعي آمداني 80 هزار روپين کان وڌيڪ آهي ته اُهي زرعي انڪم ٽئڪس جي فارم “اي” پنهنجي لاڳاپيل ڊي ڊي او روينيو جي ذريعي 30 سيپٽمبر تائين پنهنجن زرعي انڪم ٽئڪس جي گُشوارن جي جمع ڪرائڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button