خيرپور

ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سياست ڪرڻ سان وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه

MNA Dr. Nafisa Shah Dr. Mehreen Bhutto DCO Meetingخيرپور : ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سياست ڪندو ته وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي ۽ برسات متاثر جي بحالي وارو ڪم متاثر ٿيندو. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي ته جيئن برسات متاثرن جي لاءِ هڪ ٽيم ورڪ جي صورت ۾ هڪ جامع پلان تحت موثر انداز ۾ خدمت ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار ڊي سي او هائوس خيرپور جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي جي برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم جي مجموعي جائزي وٺڻ واري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ضلعي حڪومت پاران برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اڃان وڌيڪ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ضلعي اندر 40 هزار کان وڌيڪ برسات متاثر خاندانن کي کاڌي پيتي جو سامان ڏنو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 50 هزار خاندانن جي لاءِ کاڌي پيتي جي سامان جي گهُرج آهي انهي سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ خيرپور ضلعي جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم جي نگراني ڪندڙ ڪول ۽ انرجي کاتي حڪومتِ سنڌ جي سيڪريٽري محمد يونس ڏاگها سان رابطو ڪيو پيو وڃي ته جيئن رهجي ويل خاندانن کي کاڌي پيتي جي سامان جي وقت تي فراهمي ٿي سگهي. ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته خيرپور ضلعي جا ٽي تعلقه فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته باقي تعلقن ۾ پڻ وڏي انگ ۾ آبادي متاثر ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته برسات جي نتيجي ۾ ضلعي اندر بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته برسات متاثرن جي گهرن مان پاڻي جي نيڪالي کانپوءِ سندن فصلن مان پاڻي ڪڍيو ويندو ته جيئن سندن ايندڙ موسم ۾ ڪڻڪ جو فصل آساني سان ٿي سگهي. ان کان اڳ گڏجاڻي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀُٽو چيو ته برسات متاثر علائقن جي ماڻهن جي لاءِ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته مليريا کان بچاءُ جا وڌ ۾ وڌ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته برسات متاثرن جي بحالي وارو ڪم صرف غير سرڪاري سماجي تنظيمن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو پر ان سان گڏ سرڪاري وسيلا پڻ ڪتب آندا پيا وڃن ته جيئن برسات متاثرن جي انساني همدردي جي بنياد تي ڀرپور مدد ٿي سگهي. هن ضلعي حڪومت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي ۽ انهي سلسلي ۾ خيرپور جي نوجوان آبادي کان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ رضاڪار رجسٽر ڪيا وڃن ته جيئن ايمرجنسي واري صورتحال ۾ رضاڪارن جي خدمت حاصل ڪري سگهجي. ڊاڪٽر مهرين وڌيڪ ضلعي حڪومت کي هدايت ڪئي ته برسات متاثر ٻارن ۽ حامله عورتن جي خوراڪ جو خاص خيال رکيو وڃي. ان موقعي تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ گڏجاڻي ۾ ٻُڌايوته ضلعي حڪومت پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ۽ خدمت ڪري رهي آهي انهي سلسلي ۾ ضلعي آفيسرن کي مختلف تعلقن جي برسات متاثر جي بحالي واري ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته خيرپور ضلعي وڌ ۾ وڌ برسات متاثر تعلقن فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارا جي برسات متاثر ماڻهن کي اعلى اختيارين پاران بينظير ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن ريجنل روينيو آفيسر راشد حُسين قاضي، اِي ڊي او روينيو راجه شاهزمان کهڙو، اِي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ محمد فيصل کوکر، ڊي او روينيو انوار حُسين، ڊي ايس ايم پي پي ايڇ آءِ مقصود احمد لُنڊ، ڊي او هيلٿ ، ڊسٽرڪٽ مليريا سُپروائيزر، وٽنري ڊاڪٽر، اين سي ايڇ ڊي ، سرسو، آءِ آر سي، ريڊيو پاڪستان جي نمائندن، پيپلزپارٽي جي تعلقي اڳواڻن ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button