سکر

4 2 ڪلاڪن ۾ نئين پنڊ جي ناڪاره ٽرانسفارمر بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو: سکر اسمال ٽريڊرز

wapda oil endsسکر(بيورورپورٽ) سکر اسمال ٽريڊرز جي ايڊيشنل سيڪريٽري برڪت علي سولنگي چيو آهي ته سپيڪو پاران رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمر ناڪاره ٿيڻ ۽ مرمت جي نالي تي انتظاميه پاران عيد وصولي مهم تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سيپڪو انتظاميه کي متنبه ڪيوآهي ته 4 2 ڪلاڪن ۾ نئين پنڊ جي ناڪاره ٽرانسفارمر بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئيويندي. گذريل ڏينهن فياض بٽ، عرفان علي شاهه، افتخار عرف نومي، ڪاشف عباسي، لاله شاهين ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي برڪت علي سولنگي جو چوڻ هو ته گرمين جي موسم جي دوران شروع ٿيندڙ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ناڪاره ٽرانسفارمر جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. بجلي جي بندش ۽ مختلف علائقن ۾ ٽرانسفارمر ناڪاره ٿيڻ جي ڪري تجارتي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.نئين پنڊ، اسلام ڪالوني، پوليس لائين، مائيڪرو ڪالوني، احمد نگر، درزي محلو، گوپانگ محلو ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جي ڪري صارفين شديد اذيت ۾ مبتلا آهن. جنهن جي تمام تر ذميواري سيپڪو انتظاميه تي عائد ٿئي ٿي. برڪت علي سولنگي جو چوڻ هو ته شهر جي ڳٿيل آبادي واري علائقي نئين پنڊ ۾ ناڪاره ٽرانسفارمر درست ڪرڻ جي بجاءِ سيپڪو اهلڪارن پارن ڳري رشوت طلب ڪرڻ عوام سان ظلم ۽ ناانصافي آهي. ۽ اسان سيپڪو انتظاميه کي متنبيه ڪريون ٿا ته اهي 4 2 ڪلاڪن ۾ ناڪاره ٽرانسفارمر کي درست ڪن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ کان علاوه سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ۽ معزز عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفد بجلي جي لوڊشيڊنگ، ناڪاره ٽرانسفارمر درست نه ٿيڻ جي ڪري ٽيلر ماسٽر، اليڪٽرونڪس جو ڪاروبار ڪرڻ وارن کي پهچندڙ نقصان کان آگاهه ڪيو. وفد جو چوڻ هو ته عيد جي موقعي تي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ خراب ٽرانسفارمر جي ڪري ڪاروبار بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ڪاريگر بيروزگار ٿي رهيا آهن. صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button