ٻارن جي دنياڪھاڻيون

ناني امان قسط 4

مقصوديٰ سولنگي
ناني امان اسان کي اڪثر ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي اسان ناني امان جي ڳوٺ ويل هيا سين. سياري جي مند هئي ناني امان وٽ رڌڻي ۾ وچ تي چار ڪنڊن سان چلهه ٺهيل هوندي هئي، ان جي وچ تي مٽيءَ جا ٺهيل مارنگ رکيل هوندا هيا اتي ماني ۽ رڌ پچا ءٌ ٿيندو هيو۽ سيءَ کي گهٽائڻ لاءِ مچ ٻاريو ويندو هيو.اتي سڀ سياري ۾ چلهه جي چوڌاري ويهي ڪچهري ڪندا هيا ۽ اسان آرام سان ويهي سندس ڳالھيون ٻڌندا هيا سين. هڪ دفعي اسان چلهه تي ويٺا هيا سين ته چلهه Grand motherجي واٽ تي وڏي ٿوڻي( وڏي ڏار جي ڪاٺي) پئي هئي اتان لگهندي هڪ ٻه ماڻهو ٿا ٻڙيا، پر ڪنهن اها کنئين ڪونه ناني امان اسان مان ٻن کي چيو ته گڏجي اها ڪاٺي کڻي هڪ پاسي رکو. اسان ڪاٺي کڻي پاسي تي رکي ته ناني امان ٻڌائڻ لڳي ته پٽ ( ناني امان اسان کي پٽ يا نياڻي سڏيندي هئي) ڪنهن دور ۾ هڪ ڳوٺ هوندو هئو. ان ڳوٺ جا ماڻهو محنت ته جام ڪندا هيا پر پاڻ ۾ ٻڌي نه هئڻ ڪري هر ڪو ماڻهو هڪ ٻئي کان تنگ هوندو هيو. ان ڪري ڳوٺ جا گڏيل مسئلا سدائين رليل هوندا هيا. هر ڪو مزدوري مڙي ڪري پنهجا ٻچا نپائيندو هيو. پر ڳوٺ جي گڏيل مسئلن جي ڪري ڳوٺ جي گهٽين ۾ گند ڪچري جا ڍير هوندا هيا، ان ڪري ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو بيمار به رهندا هيا. پر هڪ ٻيو وڏو مسئلو هيو جيڪو سالن کان جيئن جو تيئن پيو هيو. ڳوٺ ڏانهن ايندڙ مکيه رستي جي وچ تي هڪ وڏو پٿر سالن کان پيل هيو جنهن جي ڪري هر ڪنهن مسافر يا ايندڙ ويندڙ کي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي، پر ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ايتري همٿ نه ٿي ٿي جو هو گڏجي ان پٿر کي هٽائي هڪ پاسي ڪن. ايئن ئي سالن جا سال گزري ويا. هڪ دفعي ان ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچي لنگهيو. نوجوان وڏي همٿ ۽ طاقت وارو هيو. هن جڏهن ڏٺو ته هيڏو وڏو پٿر وچ رستي ۾ پيوآهي ته ڳوٺ وارن ڏانهن ويو چيائين ته ادا! هي رستو اوهان جي ڳوٺ جو آهي. پر هر ايندڙ ويندڙ جي لاءِ وڏي رڪاوٽ آهي توهان مان ٻه ٽي ڄڻا مون ساڻ اچن ته اسين گڏجي هن پٿر کي رستي تان کڻي ڇڏيون.
پر ڪو به ڳوٺ وارو سندس ڳاله بڌڻ لاءِ تيار نه هيو نه ئي ڪو گڏجي ويس. پر نوجوان ان پٿر کي کڻڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هيو. سو هڪ وڏي مضبوط ڪاٺي کڻي ان وڏي پٿر جي پاڙ ۾ کپائي ڪاٺي ءَ جي هيٺان هڪ ننڍو پٿر رکي ان ڪاٺي کي هيٺ جو زور سان ڇڪيائين ته پٿر اڳتي رڙهي ويو ايئين آهستي آهستي هن سخت محنت ڪري آخر ڪار پٿر کي هٽائي ڇڏيو.هن پٿر هٽائي جڏهن ساڳي جاءِ تي آيو ته هن کي ڪا چمڪندڙ شيءِ نظر هن هن نوجوان ان جاءِ کي ٿورو صاف ڪيو ته ان کي هڪ ٿالهي نظر آئي نيٺ نوجوان ان ٿالهي کي کوٽي اها ٿالهي جو ماٿي کنئين ته ڇا ڏسي ته هيٺان سون، هيرن جواهرن سان ديڳ ڀريل ديڳ پئي آهي. نوجوان وري محنت ڪري ان ديڳ کي ڪڍيو ايتري ۾ سڄو ڳوٺ گڏ ٿي ويو ديڳ ڏسي ڳوٺاڻا شينهن ٿي ويا. نوجوان کي چين ته هي خزاني جي ديڳ ڳوٺاڻن جي ملڪيت آهي. اسان توکي اها کڻڻ نه ڏيندسا سين. نوجوان مشڪي ڏنو ۽ انهن کي چيائين بيشڪ هي خزانو توهان جي ملڪيت هجي ها پر تڏهن جڏهن توهان هي پٿر کڻو ها. هي خزانو ان ماڻهوءَ لاءِ پوريل هيو جيڪو هن پٿر کي هٽائي ۽ هي پٿر مون هٽايو آهي ۽ ان لاءِ هٽايو ته جيئن مسافرن جي تڪليف ختم ٿئي. هي خزانو جيستائين پوريل هيو تيستائين ڳوٺ جي ملڪيت هيو پر پٿر هٽائڻ کان پوءِ ان جو ٿي وڃي ٿو جنهن پٿر هٽايو جيڪڏهن توهان مان ڪو هڪ به مون سان گڏ اچي ها ته هي خزانو ان جو به هجي ها پر توهان منهنجن منٿن تي به ساٿ نه ڏنو. ان ڪري هن خزاني جو وارث صرف آءُ آهيان. پر منهنجي لاءِ هن خزاني کان به وڌيڪ اها نيڪي آهي جيڪا مون کي مسافرن جي دعائن سان ملندي. ان واقعي کان پوءِ ڳوٺاڻن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته بيشڪ ٻڌي ۾ طاقت آهي. ناني امان اسان کي نصيحت ڪندي چيو ته رستي جو پٿر ڪڻي پري رکڻ سنت به آهي. رستي جي رڪاوٽ کي کڻي ڇڏجي ( جاري آهي….)

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو