ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف ٺٽي شهر سميت ضلعي اندر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. ٽائرن کي باهيون
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) قومپرستن جي سڏ تي ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف ٺٽي شهر سميت ضلعي اندر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. ٽائرن کي باهيون، سنڌياڻي تحريڪ سميت مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ، حفاظتي انتظام انتهائي سخت. سنڌ جي قومپرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٺٽي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي ويئي ٺٽي شهر جون سموريون بازارون جن ۾سونارا بازار، شاهي بازار، چاندني چوڪ، مڇي مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ ، کيربازار، سميت سمورا ڪاروباري مرڪز دڪان، پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن بند رهيا جڏهن ته ٺٽي کان حيدرآباد ڪراچي ۽ بدين ويندڙ نيشنل هاءِ وي تان ٽريفڪ غائب رهي ۽ ڦيٿو نه ڦريو هڙتال کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ گذريل ڏينهن صبح سوير عوامي تحريڪ ، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي جي ۽ جسقم جي ڪارڪنن ٺٽو بائي پاس وٽ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ۽ رڪاوٽون وجهي ٺٽو ڪراچي ۽ سجاول روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ته بعد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي هڪ ريلي فاطمه هاليپوٽو ۽ سلميِ لاشاري جي اڳواڻي ۾ شاهه گوهرگنج درگاهه کان نڪتي جنهن ۾ شامل سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن توڙي قومي ڪارڪنن جي هٿن ۾ پارٽِين جا جهنڊا ۽ بينر هئا ۽ اهي ناظمي نظام نا منظور سنڌ ورهائڻ بند ڪريو جا زورد ار نعرا هڻي رهيا هئا احتجاجي ريلي ٺٽي جي نيشنل هاءِ وي تي پهچي وڏي جلوس جي صورت اختيار ڪري ويئي جتي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مٺا خان لاشاري، اشرف پليجو، فاطمه هاليپوٽو، حاجي انور ڪرناڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ جو جنازو کڻي شهر جو گشت ڪرڻ بعد مين نيشنل هاءِ وي تي ان کي غدار سنڌ قرار ڏيندي سندس جنازي نماز پڙهي ويئي ۽ بعد ۾ سندس پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو سنڌياڻي تحريڪ جي سوين نارين توڙي قومرپست ڪارڪنن بعد ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪندا رهيا جڏهن ته ڪالهه سجو ڏينهن ٺٽي ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهيو، ايس ٽي پي ۽ جسقم جي ضلعي اڳواڻن سرور خشڪ ۽ ناٿو بروهي جي اڳواڻي ۾ ايڌهي سينٽر کان پريس ڪلب تائين هڪ الڳ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت احتجاج ڪيو ويوجڏهن ته شهري ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ اسحاق خشڪ جي اڳواڻي ۾ شاهه ڪمال محلي کان احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب ٺٽو آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو هڙتال ۽ احتجاج دوران ڪنهن امڪاني گهڙٻڙ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ضلعي جي پوليس روڊن تي گشت ڪندي رهي جڏهن ته مڪلي بائي پاس تي ڪجهه مڇريل نوجوانن ڪجهه گاڏين تي پٿراءُ ڪري انهن جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ٻئي طرف نامعلوم ماڻهن داٻيجي غريب آباد مارڪيٽ ۾ شخ عبدالمجيد ڪالوني ۽ بلاول نگر داٻيجي ۾ متحده جي ٻن آفيسن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. هوڏانهن ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن جهمپير، غلام الله، ميرپوربٺورو، دڙو، ٻنون، سجاول، چوهڙجمالي، جاتي، گجو ، گهارو، ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي.