ڪراچي

ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي ٻيهر حملا ٿيا ته اردو ڳالهائيندڙ ڪٿي به محفوظ نه رهندا:بشير قريشي

Bashir Khanملير : جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته ڪراچي جي سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي چئني پاسن کان دهشتگردن حملو ڪري سنڌين کي گوليون جو کاڄ بڻائي ملڪيتن کي باهيو ڏنيون پر حڪومت ڪٿي به نظر نه آئي، دهشتگرد سرعام فائرنگ ڪري ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻائي رهيا هئا، پوليس، رينجرز ۽ ايف سي سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻجي تماشو ڏسي رهيا هئا، حڪومت جو ڪو به نمائندو ۽ نه ڪا فورس سنڌي ماڻهن جي مدد لاءِ پهتي، جڏهن ته گهرو وزير ۽ سنڌ جو وڏو وزير گڏجاڻين ۾ مصروف رهيا، ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته چڪرا ڳوٺ سميت ڪراچي جي ڪنهن به سنڌي وسندي تي ٻيهر حملا ڪيا ويا ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ڪٿي به محفوظ نه رهندا، سنڌين جي مينڊيٽ تي قائم ٿيل پ پ حڪومت ڪراچي ۾ بيگناهه سنڌين ۽ بلوچن کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، بشير خان قريشي چيو ته ڪراچي جي وڳوڙي علائقن ۾ سنڌي پوليس اهلڪارن کي بغير يونيفارم جي دهشتگردن جي منهن ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ هٿ وٺي سنڌي پوليس اهلڪارن کي مارائيو پيو وڃي ته جيئن ڪراچي ۾ عام سنڌي ماڻهن سان گڏ سنڌي پوليس اهلڪار به خوفزده ٿي ڪراچي ڇڏي هليا وڃن، هن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي حفاظت ڪرڻ اسين ڄاڻون ٿا، سنڌي نڌڻڪا ناهن، سنڌين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سنڌ جا لکين غيرتمند ثپوت اڃان زندا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button