ڪراچي

ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو، ايف سي کي پوليس جا اختيار ملي ويا، دهشتگردن کي هاڻي سندن آقا به بچائي نه سگهندا: رحمان ملڪ

karachi voilenceڪراچي: ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي گڏيل صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ راجا محمد عباس خان، آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني، قائم مقام ڊي جي رينجرز، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڳوڙ وارن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪا ڏوهارين، شرپنسدن ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندي. اجلاس ۾ رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ته ڏوهارين خلاف سخت هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ فوري ۽ ڀرپور ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ته جيئن شهر ۾ جلد امن بحال ڪرائي سگهجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايف سي کي ريزرو ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن کي پوليس جا اختيار ڏنا ويا آهن. ضرورت پوڻ تي ان جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اجلاس ۾ سمورين سياسي، مذهبي، لساني پارٽين ۽ تنظيمن کي اپيل ڪئي وئي ته ڀائيچاري، امن ۽ يڪجهتي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪن ۽ شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ واجد علي دراني ۽ قائم مقام ڊي جي رينجرز ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءَ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين 91 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتارڪيو ويو آهي، جن 191 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي، اجلاس ۾ نوٽ ڪيو ويو ته تشدد جي تازي لهر ۾ ملڪ دشمن عنصر ملوث آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏوهاري عنصر سياسي جماعتن جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪري رها آهن. ان سلسلي ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ته انهن عنصرن بابت مختلف سياسي پارٽين کان تصديق ڪن ته انهن جو تعلق انهن پارٽين سان آهي يا نه ، اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس هر 15 ڏينهن بعد ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز جي ڪاڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي انعام ڏنا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميونٽي پوليس کي فعال ڪيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽارگيٽ ڪلرز جي نشاندهي ڪندڙن کي 5 ملين رپيا انعام ڏنو ويندو، جڏهن ته جيڪو به ماڻهو ٽارگيٽ ڪلرز جا فوٽو ۽ ويڊيو حڪومت کي فراهم ڪندو،ا ن کي 10 ملين رپيا انعام ڏنو ويندو ۽ نشاندهي ڪندڙ شخص جو نالو راز ۾ رکيو ويندو.اجلاس ۾ ايف سي کي پوليس جا اختيار ڏنا ويا آهن. ڪراچي ۾ مقرر ايف سي هاڻي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ، انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا اختيار استعمال ڪندي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ امن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به پارٽي سان لاڳاپيل ڇو نه هجي، ان خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته سٺي ڪارڪردگي رکندڙ پوليس آفيسرن کي وڳوڙ وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو وڃي. هوڏانهن وفاقي گھرو وزير رحمٰن ملڪ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي ۾ رت جي راند روڪرائڻ لاءِ ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، شرپسندن خلاف ڪاروائي لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي جتي وڳوڙ ٿيندا اتي ڪاروائي ڪئي ويندي هاڻ عوام ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ٿيندي ڏسندو . ڪالهه ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ پوليس ءِ ڊي جي رينجرس سان گڏجاڻي بعد صوبائي گھرو وزير منظور حسين وساڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران رحمٰن ملڪ چيو ته ڳجھن ايجنسين ءِ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڪاروائي جو مطلب شهر ۾ آپريشن ناهي پر جن علائقن ۾ ڇڪتاڻ آهي اتي سخت ايڪشن کنيو ويندو ءِ هاڻ شرپسندن کي سندن آقا به بچائي ڪو نه سگھندا ، ڪراچي ۾ جيڪو ڪجھه ٿئي پيو اهو ڪيتري وقت کان هلندڙ آهي ءِ ڪير پيو ڪرائي سڀني کي خبر آهي هن چيو ته وڳوڙين حڪومت جي صبر جو گھڻو امتحان ورتو آهي هاڻ نه حڪومت برداشت ڪندي ءِ نه وري عوام برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ، ڪراچي جي شهرين کي مايوس نه ڪيو ويندو ، ماڻهون صبر کان ڪم وٺن ڏوهارين خلاف ايڪشن پلان اڄ اربع ڏينيهن تائين پڌرو ٿي ويندو ءِ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ٿيندي نظر ايندي ، هن چيو ته وفاقي حڪومت امن بحال ڪرڻ لاءِ وڳوڙي علائقن ۾ ڪٽي پهاڙي ۽ ارونگي جي طرز تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. وفاقي گھرو وزير چيو اهي ته ڪراچي ۾ افغانين ءِ بنگالين ڪوڙا سڄاڻپ ڪارڊ ءِ پاسپورٽ ٺهرايا آهن ڪراچي ۾ غير قانوني طريقي سان ترسيل پرڏيهين خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي ، هن چيو ته ڪراچي ٻه ڪروڙ ماڻهن جي آبادي وارو شهر آهي جتي آبادي جي آڌار فورس پوري ناهي ، گذريل ڏهاڙي 26 ماڻهون ماريا ويا جن مان 18 ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار بڻايو ويو مارجي ويلن ۾ اردو ، سنڌي ، پٺاڻ ، سرائيڪي ءِ بنگالي ٻه شامل آهن هواڏنهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ گذريل ڏينهن گورنر هائوس ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهر ۾ امن امان جي حوالي سان خاص طور تي غُور ڪيو ويو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن ڪراچي ۾ قتل جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مارجي ويندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي، گهر وزير وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۽ فيصلن کان گورنر کي آگاهه ڪبو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button