ڪراچي

ڪراچي جنگ جو ميدان بڻيل، بمن، راڪيٽن ۽ ڳرن هٿيارن سان حملا، پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي سميت 15 ڄڻا مارجي ويا، درجنين زخمي

Karachi Violanceڪراچي : ڪراچي ۾ ڪالهه دستي بمن، راڪيٽن ۽ ڳرن هٿيارن سان ڪيل مختلف حملن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي واجه ڪريم داد ۽ پيپلزپارٽي جي 8 ڪارڪنن سميت 15 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا، واقعن بعد مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڪاروبار بند ٿي ويو، ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ ڌرڻا هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ گاڏي تي سوار اڻڄاتل هٿياربند هوٽل تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي واجه ڪريم داد سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، 3 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو. پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا علائقي ۾ پهچي گهيراءُ هيٺ آڻي ڇڏيو. جيڪسن ٿاڻي جي لياري جي علائقي کارادر ۾ واقع اڇي قبر ڀرسان قائم ڪيفي محمد تي افطاري ڪرڻ لاءِ ويٺل پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي واجه ڪريم داد جي مٿان گاڏي ۾ سوار اڻڃاتل هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 75 سالن جو واجه ڪريم داد قتل ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ محمد جاويد، عرفان، عبدالرفيق، محمد عمران، فراز، نعيم، عمران ۽ پير حسين شامل آهن. جوابدار واقعي بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جڏهن ته واقعي جي دوران علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن پهچي علائقي جو گهيراءُ ڪري ڏنو ۽ مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي واجه ڪريم داد جي فائرنگ ۾ قتل ٿيڻ واري واقعي بعد لياري جي مختلف علائقن ڪلاڪوٽ، اٺ چوڪ، لياري، ڪلري، چاڪي واڙا، موسيٰ لائين، لي مارڪيٽ، گارڊن، پاڪ ڪالوني، اسڪريلين ۽ ٻين علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ پاڪ ڪالوني جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. فيروز آباد ٿاڻي جي حد مصروف ترين ڪاروباري مرڪز طارق روڊ جي علائقي واقع رحمانيه مسجد سوسائٽي قبرستان ڀرسان ٽن نوجوانن جا هٿ پير ٻڌل ٻوري ۾ ٻڌل لاش مليا. اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال پهچايا. اطلاع ملڻ تي مقتولن جا وارث جناح اسپتال پهچي ويا، جتي مقتول جي ڀاءُ عمران بلوچ مقتولن جي نالن جي سڃاڻپ ڪندي پنهنجي ڀاءُ ڪامران ولد بهرام بلوچ جي نالي سان ڪئي ۽ ٻن سندس دوستن شاهنواز ولد مولا بخش بلوچ ۽ ثاقب ولد عبدالغني جي نالن سان ڪئي آهي. عمران موجب ڪامران گيرج ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شاهنواز ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٽئي پاڻ ۾ دوست هئا، جيڪي سومر واري ڏينهن شام جو افطاري کان پوءِ کارادر جي علائقي ۾ عيد جي خريداري لاءِ ويا هئا. جتان ٽنهي کي نامعلوم جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري سندن لاش اڇلائي فرار ٿي ويا. سولجر بازار ٿاڻي جي حد گارڊن جي علائقي زولوجيڪل گارڊن جي ڀرسان واٽر هائينڊ اينٽ واري روڊ تان نامعلوم هلندڙ گاڏي 26 سالن جي نوجوان شهاب الدين جو ٻوري ۾ ٻڌل لاش اڇلائي فرار ٿي ويا. پي سي ايڇ ايس سوسائٽي بلاڪ 2 ۾ خدا داد ڪالوني پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان بنگلي نمبر 2 اي جي سامهون به هٿ پير ٻڌل شخص جو لاش مليو، جنهن جي نالي جي سڃاڻپ نادر جي نالي سان ٿي آهي. پريڊي ٿاڻي جي حد صدر جي علائقي باشو سينٽر واري گهٽي نامعلوم جوابدار 26 سالن جي عرفان نالي نوجوان جو لاش ٻوري ۾ ٻڌل اڇلائي فرار ٿي ويا. هوڏانهن شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 ملير ندي وٽ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري 30 سالن جي نامعلوم نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري کيس سندس لاش اڇلائي فرار ٿي ويا. پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال پهچايو. پوليس موجب پنجن ئي مقتولن جا هٿ پير ٻڌل ۽ بعد ۾ مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي رسين سان ٻڌي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رسين جو رنگ به هڪ ئي ڪلر پنڪ آهي. هوڏانهن فيروز آباد جي علائقي مان مليل مقتولن جا لاش هڪ ئي لياري جي علائقي سنگو لائين جي سرهاڙي محلي جا آهن. هوڏانهن لياري جي علائقي ۾ 5 مقتولن جا لاش ملڻ کان پوءِ ڇڪاڻ پڻ وڌي وئي ۽ سٽي ڪورٽ، لياري کارادر، جونا مارڪيٽ، بغدادي، چاڪي واڙا، ڪلري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا. نيپئر ٿاڻي جي حد اولڊ سٽي ايريا جي علائقي ڀيمپورا، سالار ڪمپائونڊ، ميگهواڙ، ڀاڙو، املي ڪمپائونڊ جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن دستي بم، راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا. پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا طلب ڪيا ويا. جيل چورنگي ڀرسان فائرنگ ۾ شعيب ولد غلام رسول زخمي ٿي پيو. شاهه فيصل ڪالوني ۾ بلديه اسڪول لڳ فائرنگ دوران ذيشان ولد بدر زخمي ٿي پيو، لي مارڪيٽ ۾ فائرنگ دوران حسن شاهه ولد عبدالله شاهه پڻ زخمي ٿي پيو. هوڏانهن لياري جي 5 مقتولن جي جنازي نماز لياري جي پيپلز گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ جي مقامي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوءِ پنجن ئي مقتولن جا لاش سندن وارث ۽ محلي وارن سون جي تعداد ۾ کڻي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز سي ايم هائوس ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ڇڏيا هئا پر مظاهرين رڪاوٽون ٽوڙي سي ايم هائوس جي مين گيٽ تي پهچي لاش رکي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، جنهن کان پوءِ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري لاش کڻي ميووا شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. هوڏانهن شهر جي مختلف علائقن مان 7 لاش ملڻ واري واقعي کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ سعود احمد مرزا ڪنهن به قسم جي رد عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر ۾ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ نيپئر پوليس لائن ڀرسان عمارتن مان رايڪٽ سالار ڪمپائونڊ، ميگهواڙ، املي ڪمپائونڊ، سيتل داس جي علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي. سيتل داس جي علائقي ۾ راڪيٽ حملي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 17 سالن جي نوجوان عورت ۽ 10 سالن جو نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ڪراچي جي علائقي ڀيمپورا ۾ راڪيٽ جي حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، مارجي ويلن جو تعداد 3 ٿي ويو. هوڏانهن بلديا ٽائون جي علائقي 24 مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو نامعلوم شخص قتل ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو پڻ زخمي ٿي پيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button