آرٽيڪل

ڪراچيءَ ۾ رت جي راند آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟

مجاهد چنا
eye witnessڪراچي ۾ صرف گذريل جولاءِ جي هڪ ميهني دوران ٽي سو کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا.وزير اعظم ۽ گهرو وزير جي ڪراچي ۾ موجودگي ۾ ڪالهه جڏهن حڪومتي ڇٽيءَ هيٺ امن ريلي نڪري رهي هئي ته ان ساڳئي ڏينهن تي پندرنهن ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.اڄوڪي اخبارن ۾ ڇپيل قوم پرست اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه جي ان بيان ۾ وڏو وزن آهي ته امن اڇن جهنڊن کي لهرائڻ يا نمائشي بيانن سان نه پر اخلاص۽ عملي قدم کڻڻ سان ئي ايندو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۾ اتحادي جماعتن جي گڏيل ريلي ڏيکاءَ ۽ عوام جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اهڙي طرح جي خبر 18 کان وڌيڪ ديني جماعتن طرفان جڙندڙ علماءَ امن ڪونسل هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي پڻ سوال اٿاريو آهي ته حڪومت آخر ڪنهن کان امن گهري ٿي؟
ڪراچي نه صرف سنڌ جو راڄڌاني ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ صنعتي مرڪز آهي بلڪه هي نظريه پاڪستان جي محافظ شهر طور سڃاتو وڃي ٿو.هي شهر لڄپال ۽ غريب ماڻهن لاءِ دبئي وانگر آهي.اهو ئي سبب آهي جو سموري ملڪ ۽ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو هن شهر جا رهواسي آهن.پر ڪافي عرصي کان روشنين جي هن خوبصورت شهر کي انڌيرن ۾ تبديل ۽ ڪراچيءَ کي بيروت بنائڻ لاءِ بي گناهه ماڻهن جي رت سان راند جو سلسلو جاري آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪراچي کي ڊسٽرب ڪرڻ جو مطلب سڄي ملڪ کي برباد ۽ صنعت جو ڦيٿو جام ڪرڻ آهي.جنهن جا اثرات سموري ملڪ تي پون ٿا.بدقسمتي سان ڪراچي ۾ جاري ان خوني راند کي بند ڪرڻ ۽ امن امان جي بحالي جي حوالي سان حڪومتي ڪردار نه صرف مايوس ڪن آهي بلڪه اهڙين قهري ڪارواين تي سنڌ ۾ حڪومت ۽ قانون نالي ڪنهن به شيءَ جو وجود نظرئي ڪو نه ٿو اچي.اسان کي اها ڳالهه نهايت ئي افسوس سان چوڻي پئي ٿي ته سنڌ ۾ قائم پ پ جي حڪومت گذريل ٽن سالن دوران اٽي،لٽي ۽ اجهي ڏيڻ وارو نعرو ته پنهنجي هنڌ تي رهيو پنهنجي عوام کي امن به ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهري علائقن ۾ ڀتاخور ۽ دهشتگرد ٽولن عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي.
پ پ جي دوستن اڪثريت جي باوجود سياسي مفاهمت جي نالي تي ڏنل مينڊيٽ ۽ اميدن جي ابتڙ ان وقت جي آمر پرويز مشرف جي ساٿاري ۽ 12 مئي جي انسانيت سوز واقعن ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪري هڪ گڏيل حڪومت جوڙي.ٻڌايو ويو ته اهو سڀ ڪجهه ڪراچيءَ ۾ امن خاطر ڪيو ويو آهي.تاريخ ٻڌائي ٿي ته گذريل ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ جيڪا خونريزي ٿي آهي اها دنيا جي ڪنهن به هنڌ تي نه ٿي آهي .حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتون ايم ڪيو ايم،پ پ،اي اين پي جڏهن هڪ سو جي لڳ ڀڳ بي گناهه ماڻهن جي قتل عام کان پوءِ گورنر هائوس ۾ گڏ ٿين ٿيون ته ان خوني راند ۾ وقتي طور تي ٺاپر اچي ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن ۽ هفتن کان پوءِ وري ساڳي خوني راند شروع ٿي وڃي ٿي.ان مان اها ڳالهه به پٽ پڌري ٿي وڃي ٿي ته ڪراچي ۾ رت و ڇاڻ جا سبب زمينن تي قبضي،ڀتا خوري ۽ انا پرستي کان وٺي ڪراچي تي قبضي يا ڪراچي ءَ جي اسلامي نظرياتي تشخص کي ميسارڻ سميت ڪهڙا به هجن پر ان سڄي مامري ۾ حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌريون شامل آهن.مفاهمت جي نالي تي جنهن منافقت واري سياست کي فروغ ڏنو ويو،قاتلن،ڀتاخورن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي ڇوٽ ڏيئي اعليٰ عهدن تي نوازيو ويو ان جو نتيجو اڄ نه صرف ڪراچي بلڪه سڄي ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي.ڪراچي جي اهڙي افسوسناڪ صورتحال تي هر سنڌ واسي کي ڳڻتي آهي.تازو سنڌ حڪومت مان علحدگي جو اعلان ڪندڙ ايم ڪيو ايم جڏهن حڪومت ۾ شامل هئي تڏهن به ڪراچي ۾ قتل عام جاري هو ۽ جڏهن الڳ ٿي آهي تڏهن به صورتحال ساڳي آهي.ٽنهي جماعتن ۾ ڪراچي تي قبضي واري جنگ ۾ بي گناهه ماڻهن جو قتل ”وڙهن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا“واري محاوري وانگر آهي.ڪراچي ۾ لساني بنياد تي جاري خوني راند ۾ مفاهمتي سياست جي اوٽ ۾ حڪومتي تماشائي واري ڪردار سان ان راءِ کي هٿي ملي ٿي ته اهو سمورو ”کيل“نه صرف ڪراچي جي اسلامي ۽ نظرياتي تشخص کي ختم بلڪه ڊرون حملن،ڪرپشن ۽ اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ رچايو ويو آهي.ڇو ته هي اهو شهر آهي جتي 1977 ۾ نظام مصطفيٰ تحريڪ جو آغاز ٿيو،هتي ڪا به لساني تفريق ڪو نه آهي ۽ هتي هر مڪتبه فڪر جا وڏا وڏا ديني ادارا ۽ مرڪز آهن اهڙي طرح نه صرف ڪراچي بلڪه سموري ملڪ ۾ قائم ديني ۽ خيرجي ادارن کي مالي سپورٽ به هن ئي شهر جي اهل خير ماڻهن طرفان ڪئي ويندي آهي.اهو ئي ڪارڻ آهي جو يوم عاشوره تي ٿيندڙ افسوسناڪ سانحي جي موقعي تي بولٽن مارڪيٽ ۾ قائم اهل خير جي دڪانن کي خاص نشانو بڻايو ويو. ڪراچي جهڙي پرامن ۽ پررونق شهر ۾ جڏهن به لساني بنيادن تي ڇڪتاڻ يا ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد تنظيم جو بنياد وڌو ويو ان جي پٺيان هميشه حڪمرانن ۽ سندن آقا آمريڪا جا مفاد ڪار فرما رهيا آهن .پنهنجي نااهلي ۽ ٽن سالن جي ناڪار ڪردگي تي پرده پوشي لاءِ سنڌ جي عوام کي لساني بنيادن تي تقسيم ڪرڻ جي سازش ڪهڙي سنڌ دوستي آهي ؟
پنهنجي عوام کي روزگار ۽ زندگي جون تمام بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ سميت شهرين جي جان ۽ مال توڙي امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري هوندي آهي .عوام کي پنهنجي اتحاد ۽ سياسي جماعتن کي پڻ اتحاد ۽ يڪجهتي ذريعي سامراجي ٽولي جي مڪروهه سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي ميزباني هيٺ وزير اعلى هائوس ۾ ٿيل اي پي سي ۾ ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ،نوگو ايريا ختم ۽ سياسي مصلحتن کان مٿاهون ٿي ڪري ڏوهارين خلاف ڪاروائي سميت ڪيل فيصلن تي عمل ڪري ڪراچي جي عوام کي امن فراهم ڪيو وڃي.عوام حڪمران ڌر کان پڇڻ گهري ٿو ته آخر ڪراچي ۾ بي گناهه انسانن جي رت سان راند آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button