سکر

ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد سکر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا

PULSES indiaسکر(بيورورپورٽ): ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد سکر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. تفصيل مطابق اٽو ايڪس مل 28 روپيه پر ڪي جي ، اٽو رٽيل 29 روپيه پر ڪي جي، اٽو رٽيل چڪي 30 روپيه پر ڪي جي ، اٽو رٽيل 290 روپيه في 10 ڪي جي بيگ، دال مسور لوڪل 148 روپيه پر ڪي جي، دال مسور ترڪي 100 روپيه پر ڪي جي ،دال منڱ اڻ ڌوتل 140 روپيه پر ڪي جي، چڻن جي دال پنجاب 76 روپيه پر ڪي جي، چڻن جي دال سنڌ 74 روپيه پرڪي جي ، بيسڻ 76 روپيه پر ڪي جي سڄا مرچ 220 روپيه پر ڪي جي، پيٺل مرچ 240 روپيه پر ڪي جي، اڇو جيرو 50 گرام 20 روپيه، ڪارو جيرو 50 گرام 50 روپيه، ڪارا مرچ 50 گرام 40 روپيه، وڏا ڦوٽا 50 گرام 140 روپيه، ننڍا ڦوٽا 50 گرام 120 روپيه، ڪرنل چانور باسمتي پراڻا پنجاب 90 کان 100 روپيه پر ڪي جي، ٽو ٽو باسمتي 45 کان 55 روپيه پر ڪي جي، ايري چانور 45 روپيه پر ڪي جي، واڙي جو کير 60 روپيه في ليٽر، ڏهي 60 روپيه پر ڪي جي ، مينهن جو گوشت 220 روپيه پري ڪي جي، هڏي وارو ڳئون جو گوشت 240 روپيه پر ڪي جي، گئون جو بغير هڏي جي گوشت 280 روپيه پر ڪي جي، ڇيلي جو گوشت 440 روپيه پر ڪي جي، ڏنڀرو مڇي هڪ ڪلو کان مٿي 200 روپيه پر ڪلو، ننڍي مڇي 120 روپيه پر ڪي جي، سموسو في عدد 7 روپيه ۽ پڪوڙا 160 روپيه پر ڪي جي اگهه مقرر ڪيا آهن. جڏهن ته ميوي ۽ ڀاڄين جا اگهه روزمره جي بنياد تي سيڪريٽري لوڪل مارڪيٽ ڪميٽي پنهنجي حدن ۾ مقرر ڪندا. سڀني ڊيلرن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو پنهنجي دڪانن جي نمايان جڳهن تي قيمتن جون لسٽون آويزان ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته شين جو وڪرو مقرر اگهه تي ڪيو وڃي. ڪنهن به قسم جي بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي کي برداشت نه ڪيو ويندو. رمضان المبارڪ دوران مٺائي، پڪوڙن ۽ سمبوسن جي دڪانن جي کلڻ جو ٽائيم منجهند جو اڍائي بجه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس جي بند ٿيڻ جو ٽائيم صبح جو 7 وڳي کان شام جو 7 وڳي تائين مقرر ڪيو ويوآهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button