ڊي سي او ٺٽو جو تاريخي حيثيت رڪندڙ ٺٽي شهر ۾ صفائي جي ناقص صورتحال جو نوٽيس. ميونسپل انتظاميه ڪي شهر ڪي صاف رڪڻ جا حڪم جاري.
ٺٽو: ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ٺٽي شهر ۾ صفائي جي ناقص صورتحال جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي سخت نوٽيس وٺندي ميونسپل انتظاميه ڪي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ صفائي جي ڪم ڪي بهتر بنايو وڃي. اڄ ٺٽي جي شهرين ءِ معززين پاران ڊي سي او ٺٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران شڪايت ڪئي ويئي ته ٺٽي شهر مان صفائي نه ٿيڻ سبب شهري تڪليفن ڪي منهن ڏيئي رهيا آهن. شهر مان گند، ڪچرو نٿو کنيو وڃي ءِ پاڻي جي نيڪال وارو نظام صحيح نه هئڻ سبب نالين جو پاڻي روڊن، رستن ءِ گھٽين ۾ وهندو رهي ٿو. ڊي سي او ٺٽو انهن شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته صفائي جو بهتر انتظام نه صرف ٺٽي جي عوام لاء لازمي آهي بلڪه هي شهر تاريخي حيثيت رکندڙ پڻ آهي ءِ روزانو ڪيترائي ڏيهي توڙي پر ڏيهي سياح ءِ ڪراچي جو عوام وڏي تعداد ۾ عالمي تاريخي ورثو قرار ڏنل مڪلي قبرستان ءِ ڪينجهر جهيل ڏسڻ ءِ گھمڻ اچن ٿا، جن ڪي پڻ شهر ۾ سٺو ماحول فراهم ڪرڻ انتظاميه جو فرض ٿئي ٿو. هن ٽي ايم او ٺٽو ڪي هدايت ڪئي ته شهر ۾ صفائي واري نظام ڪي بهتر بنايو وڃي ءِ صفائي واري عملي ڪي متحرڪ رڪيو وڃي. هن برساتن جي موسم ۾ جمع ٿيل پاڻي جي نيڪال لاء انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي.