سکر

ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي: سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ

Mosquitoسکر: ڊينگي بخار جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سيمينار اي ڊي او هيلٿ سکر جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ڪيو ويو. ڊي او هيلٿ سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته هن بيماري ۾ ڊيٿ جو ريشو گهٽ آهي پر جيڪڏهن ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي ۽ هن جو علاج به تمام مشڪل ٿي ويندو آهي ڊينگي بخار کان بچاءُ لاءِ اسان کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري پاڻ ۽ پنهنجي خاندانن جي فردن کي ڊينگي بخار جي مرض کان بچائي سگهون ٿا. هي موروثي يا ڇوت جي بيماري نه آهي احتياط علاج کان بهتر آهي. اسان پنهنجي حاصل ڪيل ڄاڻ ٻين تائين نه ٿا پهچايون، جنهن عمل کي ختم ڪري اسان کي حاصل ڪيل معلومات ٻين تائين پهچائڻي پوندي، ٿي سگهي ٿو اسان جي ڏنل معلومات سان ڪو به شخص هن مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي وڃي. هن سيمينار ۾ وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته هي هڪ خاص قسم جي مڇر ايڊيز ايگپٽي جي چڪ پائڻ سان ٿيندو آهي . هن مڇر جي افزائش نسل صاف پاڻي ۾ ٿئي ٿي. هي مڇر خاص ڪري سج لهڻ ۽ اڀرڻ مهل چڪ پائيندو آهي. هن مڇر تي زيبرا وانگر ڪاريون ۽ اڇيون پٽيون ٿين ٿيون. گذريل 15 سالن کان دنيا ۾ ڊينگي بخار هڪ وڏي پبلڪ هيلٿ پرابلم طور اڀري آيو آهي، هن بيماري جي تصديق خون جي ٽيسٽ ليبارٽي مان ٿئي ٿي، اسان کي ويڪٽر موسڪيٽو جي ٽرانسميشن کي روڪڻ جي طريقن تي عمل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن به فرد ۾ هيٺيون علامتون ظاهر ٿين ته ڪنهن قابل ڊاڪٽر کان ان جو علاج ڪرائجي. ڊينگي جو نشانيون ٿڌ ۽ زڪام سان گڏ تيز بخار، چيلهه، بدن ۽ سنڌن جو سور، جسم تي چٽي وانگر نشان، شديد بيماري ۾ جسم جي مختلف حصن وات ۽ نڪ مان رت اچڻ، بروقت ۽ ترت علاج سان مريض جي زندگي بچائي سگهجي ٿي، مريض کي مٿيون نشانيون ظاهر ٿيڻ تي بروقت ويجهي صحت مرڪز تي پهچڻ گهرجي. هن سيمينار ۾ ايم ايس روهڙي ڊاڪٽر عبدالنبي شيخ، ملازم حسين هيلٿ ايجوڪيشن آفيسر ۽ واسطيدار آفيسرن، اين جي اوز ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button