ٺٽو

چار سؤ کان مٿي پرائمري استادن کي پگھار نه ملي سگھي

children of sindh out of schoolsٺٽو(سجاد علي ميمڻ) 8 مهينا اڳ تعليم کاتي ضلعي ٺٽي ۾ ڀرتي ڪيل 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي پي ايس ٽي استادن کي پگهارن جي ادائگي نه ٿي سگهي استاد طبقو پريشاني ۾ ورتل، سنڌ حڪومت پاران ميرٽ جي بنياد تي 8 مهينا اڳ تعليم کاتي ضلعي ٺٽي ۾ ڀرتي ڪيل 400 کان مٿي پي ايس ٽي ٽيچرس کي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پوسٽنگ ڏيئي مقرر ڪيو ويو هو پر فندن جي عدم فراهمي سبب سندن پگهارون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن ۽ خاص ڪري تازو ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ٻيهر بلدياتي نظام لاڳو ٿيڻ ڪري سندن پگهارن جا بل ٽريزي آفيس ۾ رڪيل آهن متاثر استادن ٻڌايو ته اهي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا اهن پر کين پگهارون نٿيون ملن جنهن ڪري سندن خاندان فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي ٻڌايو ته فنانس کاتي پاران فندن جي معاملي بابت واضح پاليسي نه هجڻ ڪري پگهارون نه ٿي سگهيون آهن پر هاڻي فنانس کاتي سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ جلد متاثر استادن کي پگهارون ڏياريون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button