ڪراچي

پ پ سرڪار دهشتگردن هٿان بليڪ ميل ٿيڻ بجاءِ قاتلن کي عدالتي ڪٽهڙي ۾ آڻي،سنڌ جي عوام کي امن فراهم ڪري.اسدالله ڀٽو

Asad bhuttoڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي اسدالله چيو آهي ته پ پ سرڪار دهشتگردن هٿان بليڪ ميل ٿيڻ بجاءِ حڪومتي رِٽ ۽ امن امان لاءِ جوڳا اپاءُ کڻي،حاڪمن جي چئن سالن تائين هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ واري مفاهمتي پالييسي ملڪ کي ڀڙڀانگ ۽ سنڌ جي عوام کي لاوارث بڻائي ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ ڪهڙي منهن سان صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪن ٿا .جيڪڏهن 12 مئي،9 اپريل ۽ يوم عاشور سميت بي گناهه ماڻهن جي رت سان راند کيڏندڙ دهشتگردن کي عدالتي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ها ته اڄ سنڌ کي اهڙا ڏينهن ڪونه ڏسڻا پون ها .اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ الخدمت فائونڊيشن جي پاران ٺٽو بائي پاس وٽ سوين برسات متاثرين ۽ غريب خاندانن ۾ راشن ورهائڻ دوران خطاب ڪندي ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي غلط ۽ مفاد پرستانه پاليسين سميت اڄ ڪراچي سميت سموري سنڌ بدامني جي ورچڙهيل آهي صدر ۽ وزير اعظم سميت حڪمران ٽولو ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ کان وٺي ٻوڏ متاثرن لاءِ عملي اقدام بجاءِ ٺلها بيان جاري ڪري وقت گذارين پيا.ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير عبدالغفار عمر،مولاناعطاالرحمن بلوچ،غلام شفيع۽ عبدالمجيد سمون پڻ خطاب ڪيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button