پوليس جي ڀتي لاءِ واپارين ءِ ڊرائيون کي مارڪٽ کان پوءِ ھزارين رپيا ڦري ورتا
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) گهگهر ڦاٽڪ ويجهو ٽول پلازا پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪار کي ڀتو نه ڏيڻ تي ٺٽي جي فروٽ واپاري ۽ سوزوڪي ڊرائيور کي هڪ ڪلاڪ تائين ڪڪڙ بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد هزارين رپيا زوري کسي ورتا. ٺٽي جي فروٽ واپاري محمد اسحاق ميمڻ سبزي منڊي ڪراچي مان فروٽ خريد ڪري ٺٽو اچي رهيا هئا ته گهگهر ڦاتڪ ويجهو سسئي ٽول پلازا ڀرسان قائم پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن کين روڪي ڀتو وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار ڪرڻ تي اهلڪارن واپاري ۽ سوزوڪي ڊرائيور جمعون ملاح کي هڪ ڪلاڪ تائين گاڏي مان هيٺ لاهي ڪڪڙ بڻايو ۽ کين سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد هزارين رپيا کسڻ بعد کين ڇڏي ڏنو ، پوليس جي زيادتي جو شڪار بڻيل واپاري اسحاق ميمڻ پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته سسئي ٽول پلازا پوليس اهلڪارن ساڻن وڏي نا انصافي ڪئي آهي هن چيو ته روزانو ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري پريشان ڪيو ٿو وڃي پر گذريل ڏينهن ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي هڪ ڪلاڪ تائين ڪڪڙ بڻائي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو، هن مذڪوره پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.