آرٽيڪل

پروپئگنڊا

ليکڪ: موسيٰ رضا
Sindh politics 543سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي حوالي سان حڪومتي پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جا افواھھ اُھا ئي پروپئگنڊا آھي جيڪا پاڪستان ۾ سياسي پارٽي جو ڪردار ڪمزور ڪرڻ ۽ جمھوريت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ لاءِ ھميشھ کان ڪئي پئي ويندي آھي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ صوبي جون واضح حقيقتون آھن. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ بالخصوص ۽ حيدرآباد ۾ بالعموم اڪثريتي پارٽي سمجھو وڃي ٿو ۽ انھيءِ اڪثريت جي زور تي ايم ڪيو ايم حڪومت سان ڳالھائي ٿي، ان ڳالھھ ٻولھھ ۾ ايم ڪيو ايم جو پاسو ڳرو رکڻ جي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجي اڪثريت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا وڃن ٿا. انھن قدمن کي جيڪڏھن سياسي قدمن جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ انھن تي تنقيد نٿي ڪري سگھجي، ڇوتھ ھر سياسي پارٽي جو اھو حق آھي تھ اھا انتخابي اڪثريت حاصل بھ ڪري ۽ ان کي برقرار رکندي پنھنجي دائري اثر کي بتدريج ٻين علائقن تائين وڌائي، جيڪو حق ايم ڪيو ايم کي حاصل آھي اھو ٻين سياسي پارٽين کي بھ انھيءِ اصول مطابق حاصل آھي ۽ ان کان انڪار ڪرڻ غير سياسي سوچ ئي سمجھي سگھجي ٿي. عوامي نيشنل پارٽي کي ڪراچي جي ڪجھھ علائقن ۾ اڪثريت حاصل آھي، اھڙي طرح لياريءِ ۾ بلوچن جي اڪثريت جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ھميشھ ڪاميابي حاصل ڪري ٿي، ملير جي انتخابي تڪ سميت ڪراچي جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي اھڙا تڪ آھن جتان ايم ڪيو ايم جون مخالف سياسي پارٽيون انتخابي اتحاد جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري سگھن ٿيون. ڪراچي تي ڪنٽرول جي خواھش ايم ڪيو ايم پنھنجي اڪثريت جي بنا تي پنھنجو حق سمجھي ٿي، جڏھن تھ ٻيون سياسي پارٽيون ان حق کي ان لاءِ تسليم نھ ٿيون ڪن جو انھن جو خيال آھي تھ جڏھن بھ شفاف ۽ ڌانڌلي مان پاڪ چونڊون ٿينديون، ايم ڪيو ايم جي مخالف پارٽين جون سيٽون وڌي وينديون، اھا ئي صورتحال حيدرآباد ۾ بھ آھي، پر اُتان ايم ڪيو ايم کي اھا سبقت حاصل ناھي جيڪا ڪراچي ۾ آھي، ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي ۽ ھتي سنڌي، پنجابي، بلوچي، آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي سمورن علائقن مان آيل ماڻھو روزگار حاصل ڪن ٿا، پاڪستان جي ان ساحلي شھر ۾ رھڻ ڪاروبار ڪرڻ يا ملازمت ڪرڻ ھر پاڪستاني جو حق آھي ۽ ان حق کان ڪوبھ پاڪستاني انڪاري نٿو ٿي سگھي ۽ ان کي گھٽائي بھ نٿو سگھجي. سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي سان ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اھو خدشو ھو تھ شايد ان سان ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، ايم ڪيو ايم جڏھن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان علحدھ ٿي تھ ان جي واپسي جي لاءِ جيڪي شرطون رکيون ويون ھيون، انھن ۾ ڪمشنري نظام جو خاتمو اولين شرط ھئي. پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي جوڙيل قومي اتفاق راءِ ۽ مفاھمت جي سياست تي عمل ڪرڻ جي ڪري ان ڳالھھ جي خواھشمند ھئي تھ ايم ڪيو ايم کي واپس مرڪزي سياسي دائري ۾ آندو وڃي. پيپلزپارٽي وڏي دل جو مظاھرو ڪيو پنھنجي سياسي نقصان کي نظرانداز ڪندي ايم ڪيو ايم جي ان مطالبي کي تسليم ڪري ورتو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي تي آمادگي ظاھر ڪري ڇڏي ان آمادگي بعد چانھھ جي ڪوپ ۾ جيڪي طوفان کڙا ڪيا ويا آھن، انھن ۾ قوم پرستن جو ھڪ طوفان بھ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، سنڌ ۾ قوم پرستن جي گرفت جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ سنڌ جي ديھي علائقن ۾ قوم پرست پارٽين جا اميدوار ڪائونسلر جي چونڊ بھ نٿا کٽي سگھن. ڪمشنري نظام جي بحالي کان پوءِ گويا اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ سنڌ ۾ قوم پرست ئي ھڪ بالاتر ۽ بااثر سياسي قوت آھن، اھا ڳالھھ حقيقت کان خالي آھي ان جو ثبوت ھر چونڊ ۾ سامھون اچي ٿو.
حقيقت ۾ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي گرفت پھرين بھ مضبوط ھئي ھاڻي بھ آھي ۽ آئيندھھ بھ رھندي، جيستائين سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي خلاف پيپلزپارٽي جي تڪن ۾ ڏارن جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن اُھي بھ بي معنيٰ آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھھ واضح طور تي چيو آھي تھ ضلعي حڪومتن جو نظام وقتي طور تي لاڳو ڪيو ويو آھي ۽ اھو سنڌ حڪومت جو فيصلو آھي. پيپلزپارٽي ۾ ڪابھ بغاوت ناھي ۽ بغاوت جون ڳالھيون ڪندڙ پنھنجن خواھشن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ جو خواب ڏسي رھيا آھن، جنھن جي تعمبير پھرين بھ ناھي ملي ۽ آئيندھھ بھ نھ ملندي. قومي اتفاق راءِ ۽ مفاھمت جي لاءِ جنھن عمل جي شروعات پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئي آھي، ان جو مظاھرو ھاڻي ايم ڪيو ايم کي ڪرڻ گھرجي. ايم ڪيو ايم وچٿري طبقي جي نمائندا پارٽي جي طور تي پنھنجي دائري جو اثر پوري پاڪستان تائين ڦھلائڻ چاھي ٿي ۽ اھو سندس حق بھ آھي. آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ٻن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري رھي آھي، گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ بھ ايم ڪيو ايم حصو ورتو ھو، اھڙي ريت چئني صوبن ۾ بھ ايم ڪيو ايم پنھنجي تنظيمي سرگرمين کي وڌائي رھي آھي. قومي اتفاق راءِ ۽ مفاھمت جي جنھن پاليسي تي پاڪستان پيپلزپارٽي عمل ڪري رھي آھي، اھو ورثو ھڪ سياسي پارٽي جي طور تي ايم ڪيو ايم جو بھ آھي ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين کي بھ قومي يڪجھتي ۽ مفاھمت جي لاءِ اھا ئي پاليسي اختيار ڪرڻي آھي، سنڌ ۾ ضلعي حڪومتن جو نظام يا ڪمشنري نظام اھڙا معاملا ناھن جنھن سان قومي مفاھمت ۽ اتفاق راءِ جي پاليسي کي ختم ڪري سگھجي، سياسي پارٽين جي بالغ نظر قيادت پنھنجي سياسي بصيرت سان انھن سمورن مسئلن کي گڏجي ويھي حل ڪرڻ جي اھليت رکي ٿي، جنھن سان لساني ۽ قوميت جي بنياد تي عام پاڪستانين ۾ ورڇ پيدا ٿئي ٿي. سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ رھندڙ سمورا ماڻھو پھرين پاڪستاني آھن ان کان پوءِ اھي ڪجھھ ٻيا آھن، پاڪستانيت جي واڌاري جي لاءِ ئي سڀ ڪجھھ ڪرڻو پوندو. پاڪستان جنھن بحران جو شڪار آھي ان مان بچي نڪرڻ جي لاءِ اھڙي سوچ جو مظاھرو ڪرڻو پوندو، جنھن سوچ تي پاڪستان پيپلزپارٽي عمل ڪري رھي آھي. ھاڻي ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ جي ٻنھي ڌڙن ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي بھ ان سوچ جو مظاھرو ڪرڻو آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button