پاڪستان هڪ عظيم ۽ بهترين اسلامي رياست آهي: پروفيسر اصغر مجاهد
سکر(بيورورپورٽ) تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي زير اهتمام سنڌ اسلامڪ سينٽر ميناره روڊ سکر ۾ يوم آزادي جي تقريب وڏي جوش ۽ جذبي سان فڪر و نظر پبلڪ اسڪول ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. هن تقرب جي مهمان خصوصي سيڪريٽري جنرل تنظيم ۽ ايگزيڪٽو آفيسر انفارميشن ٽيڪنالاجي گهوٽڪي پروفيسر اصغر مجاهد مهر هئا. هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ۽ بهترين اسلامي رياست آهي. هي الله تعاليٰ جو وڏو تحفو آهي. جيڪو اسان کي مليو آهي. جنهن جو اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي. قائد اعظم محمد علي جناح جي ولوله انگيز قيادت ۽ برصغير جي مسلمانن وڏيون قربانيون ڏنيون هن جي نظرياتي ۽ جغرافيائي سرحدن جو تحفظ اسان تي فرض آهي. هن چيو ته باب الاسلام سنڌ 0 1 رمضان المبارڪ 3 9 هجري تي فتح ٿي هئي. ۽ پاڪستان جي آزادي به رمضان المبارڪ جي 7 2 تاريخ ۽ 4 1 آگسٽ 7 4 9 1 ع تي ٿي. اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو 2 وڏيون آزاديون به هن مقدس مهيني ۾ ٿيون هي مهينو تمام وڏو برڪت وارو آهي. صدر مجلس علامه عبدالستار برهي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رمضان المبارڪ رحمت ۽ برڪت جو مهينو آهي. هن ماو مبارڪ ۾ مڪه المڪرمه ڪفر ۽ شرڪ کان آزاد ٿيو. بدر جي ميدان ۾ فتح ٿي سنڌ فتح ٿي ڪري باب الاسلام جو شرف حاصل ڪيو ۽ 7 2 رمضان المبارڪ تي اسان جي انگريز سامراج کان هميشه هميشه لاءِ جان ڇٽي پئي.