آرٽيڪل

پاڪستان ريلوي

ليکڪ: موسيٰ رضا
railwayپاڪستان ريلوي جي تباھي جي شروعات ان ڏينھن ٿي ھئي جڏھن اڳوڻي حڪومت جي ھڪ ريلوي وزير نومبر 2001ع ۾ 96 ڊيزل اليڪٽرڪ انجڻن جي خريداري ۽ تياري جو معاھدو ڪيو. چين جي ھڪ ڪمپني سان ٿيل ان معاھدي تحت 51 ريلوي انجڻيون مڪمل تيار ٿيل حالت ۾ پاڪستان کي مليون جڏھن تھ 45 ريلوي انجڻيون لوڪو موٽيو فيڪٽري رسالپور ۾ اسمبل ڪيون ويون اھي ريلوي انجڻيون پاڪستاني حالتن سان مطابقت نھ پيون رکن ريلوي ٽريڪ ۽ پليٽ فارم جي مطابقت سان بھ اھي انجڻيون مخصوص نوعيت جون ھيون. ان جي ڪري نھ صرف پوري ملڪ جا ريلوي پليٽ فارم ٽوڙڻا پيا ھئا پر ريلوي پٽڙيون بھ انھن انجڻن جي مطابقت سان بڻيل نھ ھيون. پھرين ڇھن مھينن دوران انھن ريلوي انجڻن جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش رھي ھئي ۽ اھي انجڻيون منعافو ڏيندڙ جي بدران بتدريج سفيد ھاٿي بڻجنديون پئي ويون، چين جي سروس ماھرن معاھدي موجب خراب پرزا تبديل ڪيا ۽ اسان جي موسمي حالتن موجب ضروري تبديليون ڪندي انھن انجڻن کي ٻيھر چالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ انجڻن جي ڪارڪردگي ۾ بتدريج بھتري بھ ايندي پئي وڃي جڏھن تھ ھر انجڻ جي ڪلوميٽر جي لحاظ کان ماھوار ڪارڪردگي بھ بھتر ٿي رھي ھئي پرپوءِ اھي انجڻيون بنيادي طور تي پاڪستان جي موسمي حالتن سان ھڪجھڙائي نھ پيون رکن ان لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا. پھرين فيبروري 5..2ع تي 3 ھزار ھارس پاور جي ريلوي انجڻن جي ھيٺين فريمن ۾ ڪريڪس پئجي ويا جنھن بعد .1 انجڻن جو استعمال ترڪ ڪرڻو پيو، معاھدي تحت فيصلو ڪيو ويو تھ انھن انجڻن جي ھيٺين فريمن جي مرمت ڪئي ويندي، تيار ڪندڙ اداري سموريون متاثر ٿيل انجڻيون مرمت ڪري ڇڏيون ھيون ۽ ھاڻي اھي تسلي بخش انداز ۾ ڪم ڪري رھيون ھيون. چيني ڪمپني 25 ڪروڙ 72 لک رپين جو خرچ پاڻ ڪندي انھن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. 63 ريلوي انجڻيون 8..2ع ۽ 9..2ع جي دوران ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحالي جو ھڪ ٻيو منصوبو شروع ڪيو ويو پرپوءِ فنڊز جي کوٽ سبب فيصلو ڪيو ويو تھ ماھرن جي دستيابي جي صورت ۾ ڊيزل شاپ ڪراچي ۽ انجڻ شاپ مغل پور ۾ انھن انجڻن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. چين سان ريلوي انجڻن جي خريداري جو جيڪو معاھدو ڪيو ويو ھو اھو بنيادي طور تي ئي غلط ھو، ڇوتھ اھڙيون انجڻيون خريدڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪي پاڪستان جي حالتن مطابق ٺيڪ نھ ھيون، ان لاءِ پاڪستان ريلوي جي مالي حالت خراب ٿيندي ھلندي وئي ۽ ھاڻي اھا صورتحال آھي جو ريلوي وٽ ڊيزل خريدڻ جا بھ پئسا نھ آھن، ريلوي ٽرينون لڳاتار بند ڪيون پيون وڃن. جيڪڏھن اڳوڻي حڪومت جا عھديدار ملڪي وسيلن کي ظالماڻا انداز ۾ خرچ نھ ڪن ھا پاڪستان ۾ پھرين کان ھلندڙ آمريڪي انجڻن جي خريداري جو معاھدو ڪن ھا تھ پاڪستان ريلوي بحران جو شڪار نھ ٿئي ھا ۽ نھ ئي عام ماڻھن کي مشڪلات جو منھن ڪرڻو پوي ھا.
پاڪستان ريلوي افغانستان ڏانھن ٽرانزٽ جي لاءِ شيون کڻي وڃڻ جي صلاحيت بھ رکي ٿي پر ريلوي انجڻن جي کوٽ سبب پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نھ آھي. وفاقي ڪابينا مجموعي طور تي 271 خراب انجڻن جي مرمت ۽ بحالي جي لاءِ ڊسمبر .1.2ع ۾ 11 ارب رپين جي منظوري ڏني ھئي، پرپوءِ اھي فنڊز اڃا جاري نھ ڪيا ويا آھن. پاڪستان ريلوي کي سالانا تقريبن .3 نئين انجڻن جي ضرورت پوندي آھي، پر جنوري 3991ع کان سيپٽمبر 1..2ع تائين مجموعي طور تي 35 انجڻيون 8 سالن جي دوران فراھم ڪيون ويون. 2..2ع ۾ چين کان جيڪي 96 انجڻيون خريد ڪيون ويون، فاضل پُرزن جي عدم دستيابي ۽ انھن انجڻن جي ٻين مسئلن جي ڪري .5 سيڪڙو انجڻ ھن وقت غير موثر ٿي چڪيون آھن. حڪومت آمريڪا جي جنرل موٽر سان .51 نيون ريلوي انجڻيون ۽ چين کان پاڪستاني حالتن مطابق 57 نيون ريلوي انجڻيون خريدڻ جو منصوبو تيار ڪيو آھي پر اعليٰ عدالتن ۾ ٽينڊر جو تڪرار ٻڌڻي ھيٺ آھي، ان لاءِ خريداري جو عمل شروع ناھي ٿي سگھيو. 11.2ـ.1.2ع جي دوران 4.1 ريلوي انجڻن جي ھدف جي ڀيٽ ۾ 43 انجڻيون فراھم ڪيون ويون جنھن جي ڪري ريلوي اڄ مشڪلات جو شڪار آھي، انھن مشڪلات جي باوجود پاڪستان ريلوي پنھنجي بحاليءَ جو ھڪ جامع منصوبو جوڙي ورتو آھي ۽ حڪومت جي طرفان ان منصوبي جي منظوري بھ ڏني وئي آھي جنھن تحت خانيوال کان رائيونڊ تائين ريلوي ٽريڪ کي 21 ارب 16 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٻٽو ڪيو ويندو. اھو منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي رھيو آھي. اوڪاڙا کان رائيونڊ تائين صرف .9 ڪلو ميٽر ريلوي ٽريڪ کي ٻٽو ڪيو وڃڻ باقي آھي، لاھور کان راولپنڊي ۽ پشاور تائين موجودھھ ريلوي ٽريڪ جي بحالي جو منصوبو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مدد سان آئيندھھ سال شروع ٿي ويندو. جھلم، راولپنڊي سيڪشن تائين ٽريڪ جي ري الائنمينٽ جي منصوبي تي ھلندڙ سال عملدرآمد شروع ٿي ويندو. ميرپور کان شھداد پور ۽ بن قاسم ريلوي اسٽيشن تي 72 ڊسمبر 7..2ع کان پوءِ ٿيندڙ ھنگامن جي ڪري تباھھ ٿيل اثاثن جي بحالي جو منصوبو آئيندھھ سال مڪمل ٿي ويندو. پاڪستان ريلوي جي نظام ۾ ڪمپيوٽرائزڊ آن لائن ريزرويشن سسٽم متعارف ڪرايو ويو آھي، 25 اسٽيشن تي آمد ۽ روانگي جي خودڪار بورڊن جو لڳائڻ آئيندھھ مالي سال ممڪن ٿي ويندو. .35 اعليٰ معيار جي ڪارگو ويگن جي خريداري جو عمل مڪمل ٿي چڪو آھي، ملتان ۾ 94 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نئين ڊراءِ پورٽ جو قيام ھلندڙ سال مڪمل ٿي ويندو. .51 نئين ڊيزل انجڻن جي خريداري اعليٰ عدالتن مان فيصلي جي صورت ۾ ٽن سالن جي اندر مڪمل ٿي ويندي. 31 ڪروڙ ڊالر جي فنڊز مان 2.2 مسافر ڪوچز جي خريداري بھ آئيندھھ سال مڪمل ٿي ويندي. ڪوئيٽا کان تافتان تائين ريلوي ٽريفڪ جي 76 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت سان بحالي آئيندھھ 5 سالن جي دوران ڪئي ويندي. پاڪستان ريلوي جي بحالي فنڊز جي فراھمي سان مشروط آھي، پاڪستان موجودھھ مشڪلات مان نڪري آيو تھ ريلوي کي فنڊز فراھم ڪرڻ بھ ممڪن ٿي ويندو ۽ ماضي جي غلط فيصلن جا نقصان بھ گھٽائي سگھبا…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button