ڪراچي

پارٽي سان ڌار ڪرڻ جو نواز شريف کي اختيار ناهي:غوث علي شاهه

Ghous Ali Shahڪراچي : مسلم ليگ (ن) سنڌ جي سينيئر نائب صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي اختيار ناهي ته هو مون کي پارٽي مان ڌار ڪري، نواز ليگ جي قيادت غلط فيصلا ڪري رهي آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. قومپرستن جي هڙتال ڪامياب ٿيڻ تي سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو. سنڌ ۾ هڙتال ريفرنڊم ثابت ٿي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي جا ڪارڪن عهدو ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ڪارڪن مون کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر جي عهدي تي ڏسڻ چاهين ٿا. ان ڪري صلاح مشورو ڪري پارٽي جي سينيئر نائب صدر وارو عهدو ڇڏي ڏيندس. سيد غوث علي شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌي قوم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو ويو ته بنگلاديش واري تاريخ ورجائي ويندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button