ٺٽو

ٺٽي واسين پاران اڄ جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان

Thattaٺٽو( سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي قومپرست تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ضلعي اڳواڻن حاجي انور ڪرناڻي، مٺا خان لاشاري ۽ سرور خشڪ سان گڏجي ٺٽي شهر جو گشٽ ڪري (اج) اعلانيل هڙتال جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڪاروباري ڌرين سان ملاقاتون ڪيون، قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن واپاري تنظيمن ، ٽرانسپورٽرن، رڪشا يونين ، وين ايسوسيئشن وارن ۽ ٻين تظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين (اڄ) واري هڙتال ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل ڪئي جن کين مثبت موٽ ڏيندي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي ، هوڏانهن ٺٽو شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ اسحاق خشڪ پڻ هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button