ٺٽو

ٺٽي ضلعي ۾ برسات، اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽن تائين پاڻي بيهي رهيو

flood in sindhٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ضلعي ٺٽي اندر برسات ، شهري علائقا ۽ ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ، ڪينجهر ڪناري لڳ ڳوٺ سونهري ۾ 40 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پيا، زندگي جو سمورو ڪاروهنوار سخت متاثر ، مواصلاتي نظام درهم برهم، سومر واري رات کان شروع ٿيل تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي تيز وسڪاري ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاهي، ڌاٻيجي، ميرپورساڪرو، ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاري، ور، غلام الله سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ شهرين توڙي ڳوٺاڻن جي زندگي سخت متاثر ڪري ڇڏي آهي، اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽن تائين پاڻي بيهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪينجهر ڪناري تي آباد مهاڻن جي وڏي ڳوٺ سونهري ۾ تيز هوائن سان گڏ پوندڙ برسات 40 کان مٿي ڪچا گهر ڊاهي ڇڏيا آهن جنهن سبب متاثر کلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن جڏهن ته ضلعي ٺٽي اندر مواصلات جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button