ٺٽي ضلعي کي فورن آفت زده ضلعو قرار ڏيئي طوفاني برسات کان متاثر ماڻهن جي واهر ڪئي وڃي: ايازعلي شاهه شيرازي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ايم اين اي سيد ايازعلي شاهه شيرازي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان گهر ڪئي آهي ته ٺٽي ضلعي کي فورن آفت زده ضلعو قرار ڏيئي طوفاني برسات کان متاثر ماڻهن جي واهر ڪري کين کاڌ خوراڪ، دوائون مهيا ڪرڻ سان گڏ رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تازين طوفاني برساتن سبب ٺٽي ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي آهي ماڻهن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ، ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي بندن تي اچي ويٺا آهن. سجي ضلعي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته ٺٽي ضلعي جو عوام اڳ ئي ٻوڏ جي تباهڪارين کان بي حال هو ، ماڻهن پنهنجا زيور ، مال وڪڻي قرض کڻي ٻيهر فصل ڪيا، پر طوفاني برساتن انهن جا فصل تباهه ڪري ڇڏيا ، هن چيو ته ماڻهو سخت پريشاني واري حالت ۾ آهن، ان ڪري حڪومت کي فورن ٺٽي ضلعي جي صورتحال جو نوٽيس وٺي برسات کان تباهه ٿيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن رمضان شريف جي مهيني ۾ غريب ماڻهو وڌيڪ پريشانين کان بچي سگهن.