ٺٽي جا هزارين بوڏ متاثر اڃان تائين بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ يا عارضي طور پاڻ سان گڏ کڻي ويل ٽينٽس ۾ انتهائي مشڪل زندگي گذارڻ تي مجبور
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر گذريل مها ٻوڏ جي تباهڪارين کي سال جو عرصو گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن جي زخمن تي پاهه رکجي نه سگهيو آهي ۽ ضلعي جا هزارين بوڏ متاثر اڃان تائين بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ يا عارضي طور پاڻ سان گڏ کڻي ويل ٽينٽس ۾ انتهائي مشڪل زندگي گذارڻ تي مجبور آهن گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ٺٽي ضلعي جي ڪچي طور ٺٽو، سجاول ۽ جاتي جي پڪي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب لکين ماڻهن کي دربدر ٿي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻا پيا پر بعد ۾ واپس ٿيڻ کانپوءِ سال گذرڻ باوجود کين سرڪاري سطح تي اعلانيل گهرن جي تعمير وارا اعلان خواب ئي رهجي ويا ۽ اڃان تائين ٻوڏ متاثر ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيا آهن ٺٽي تعلقي جي ٽنڊو حفاظ شاهه ۽ راجو نظاماڻي وارا علائقن هجن يا وري سجاول جي ڪوٽ عالمون ، رانٽا، سيد پور، ٻيلو شهر ، ٻارڻ آباد ، جاتي ، بيگنا ۽ ٻيا ٻوڏ سٽيل علائقا هجن اتان جي علائقن جي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي توڙي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مستقل بحالي لاءِ حڪومت سطح تي ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون آهن ۽ سماجي ادارن پاران پڻ مخصوص ڳوٺن ۾ غير معياري طريقي سان گهرن جي تعمير کان پوءِ اين جي اوز وارا به ٻوڏ متاثرين مان هٿ ڪڍي ويا آهن جنهن سبب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊ رستا اسڪولي عمارتون سرڪاري عمارتون اڃان تائين تباهه حالي جو شڪار آهن جڏهن ته ٻوڏ متاثر ماڻهن کي تر جي چونڊيل عيوضين توڙي سرڪار به وساڙي ڇڏيو آهي جنهن سبب اهي معاشي ۽ سماجي طور انتهائي مشڪل زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.