آرٽيڪل

ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ بارش جو سلسلو جاري آھي

cyclone winds and rainٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري شهر جا هيٺائين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ٺٽي ۾ گذريل 20 ڪلاڪن کان بجلي بند. ٺٽو ۾ سانوڻي مند جو وسڪارو سخت گرمي کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويئي برسات سبب ٺٽو شهر جا ڪيترائي هيٺائين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سانُوڻي مند جي گذريل رات 2 وڳي کان وقفي وقفي سان هلندڙ تيز برسات سبب شهر اندر بجلي جو نظام مڪمل طور درهم برهم ٿي ويو، لاڳيتو گذريل رات 2وڳي کان بند پيل بجلي نظام 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيو، جڏهن ته مسلسل برسات جاري رهڻ ڪري شهر ۾ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ برسات جاري توڙي بجلي بند هئڻ ڪري شهرين کي روزي رکڻ ۽ کولڻ ۾ سخت ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پيو. ٻئي طرف مليل اطلاعن موجب ضلعي جي سامونڊي تعلقن ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ، شاهبندر ، جاتي ، ساڪرو ۽ گهوڙاٻاري ۾ برسات جي وسڪاري جاڻايل تعلقن جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button