ٺٽو

ٺٽي برستات متاثرين لاءِ رليف ڪيمپون قائم

rain in badinٺٽو( سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر مسلسل برساتن سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ سجاول، جاتي ۽ جهوڪ شريف ۾ 7 رليف ڪئمپون قائم ڪري سندن سهائتا لاءِ ضلعي حڪومت سنڌ حڪومت کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، 3 ڏينهن کان لڳاتار زوردار برساتن سبب سجاول شهر جي ڪچي آبادي جي رهواسي متاثرين 70 خاندانن کي ڊي ڊي او روينيو سجاول جي آفيس ۾ ڪيمپ قائم ڪري رهايو ويو آهي جڏهن ته جهوڪ شريف جي هاءِ اسڪول ۾ هڪ ڪيمپ قائم ڪري 15 خاندانن کي اتي منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف جاتي شهر جي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ پڻ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ڪيترائي ڪچا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جن لاءِ جاتي جي مختلف سرڪاري عمارتن ۾ 5 مختلف رليف ڪيمپون قائم ڪري اتي 2 سئو ماڻهن کي رهايو ويو آهي جتي ضلعي انتظاميا ۽ سماجي اداري عمران فائونڊيشن پاران کين راشن ۽ امدادي سامان پهچايو ويو ، جڏهن ته ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي صوبائي وزير مظفر شجراع سان رابطو ڪري کين برسات متاثرين جي امداد لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button