ٺٽو
ٺٽو لڳ مڇي جي فارم ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري لکين رپين جي ماليت جي مڇيون مري ويون
ٺتو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو لڳ مڇي جي فارم ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري لکين رپين جي ماليت جي مڇيون مري ويون، ٺٽو شهر ڀرسان ڳوٺ گل محمد سمون ۾ گل محمد سمون جي مڇي واري فارم مٿان گذرندڙ بجلي جون تارون ڪري پيون جنهن سبب فارم ۾ لکين رپين جي ماليت جي تيار ٿيل مڇيون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون، ڳوٺاڻن حاجي گل محمد سمون، محمد رمضان سمون ۽ ٻين ٻڌايو ته مذڪوره تارن مان 1988 کان ڳوٺ بجلي فراهمي ٿيندي هئي ۽ تارون پراڻيون هجڻ ڪري هنن حيسڪو اختيارين کي بار بار دانهيون پر هنن ڪو به ڌيان نه ڏنو جنهن سبب رات ديرسان 80 ايڪڙن تي مشتمل مڇي جي تلاءُ مٿان تارون ڪري پيون جنهن سبب سندن لکين رپين جي ماليت جون مڇيون مري ويون.