وڏي وزير سالياني کجور فيسٽيول جو آغاز ڪري ڇڏيو
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽين سالياني کجور فيسٽيول ۽ سيمينار 2011 جو ڪالھ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر خيرپور ۾ افتتاح ڪيو. کجور نمائش ۾ وڏي وزير اين بي پي، سنڌ بئنڪ، ايم سي بي، خوشحالي بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن، اين ڊي ايس پي، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، ايس آر ايس او، ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، سرڪاري کاتن، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن طرفان لڳايل سمورن اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ اتي کجور جي مختلف جنسن بابت ڄاڻ ورتي. نمائش ۾ 30 کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون هيون. جن ۾ حسيني، مزاوتي، شڪري، بيگم، آب دندان، پشينه، اجوا، روتانه، اصيل، خيرو، نموري، اوطاقڻ، ڪپڙو، گجر، مٺڙي ۽ ڇهاري جا مختلف قسم، آڌيا ۽ ٻيون جنسون رکيل هيون. وڏي وزير نمائش کي بهتر نموني سان منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ کجيءَ جي پنن مان ٺهيل پنڊيون، پکا، ٽٻڻا، تڏا ۽ ڇليون وغيره پڻ اسٽالن تي نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. نمائش ۾ ثقافتي اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا، جتي ڀرت جو ڪم، رليون ۽ ڪاشيءَ جو سامان رکيو ويو هو، جو پڻ وڏي وزير معائنو ڪيو. نمائش جي دوري دوران وڏي وزير سان ڪمشنر سکر ڊويزن مسٽر انعام الله خان ڌاريجو، سيڪريٽري انويسٽمينٽ محمد يونس ڍاڳا، جاويد علي شاهه جيلاني، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ساڻس گڏ هئا.