ٺٽو

هلال احمر ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ جشن آزادي جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي

Jashan Azadi Thattaٺٽو(سجادعلي ميمڻ) 14 آگسٽ جي موقعي تي هلال احمر ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، تقريب جو افتتاح هلال احمر ضلعي ٺٽي جي هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي حاجي محمد حنيف ميمڻ چيوته نوجوانن، بزرگن پاران جانين جي ڏنل عظيم نذراني کان پوءِ 1947 ۾ پاڪستان جي صورت ۾ هي ملڪ مليو آهي . هن چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اسين آزاد ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ پنهنجي خودمختياري سان زندگي گذاري رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي پاران هر سال اهو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، بعد ۾ هلال احمر طرفان غريب مستحق عورتن توڙي مردن ۾ راشن ورهايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button