هاڻي غريب ماڻهن کي ڪيش جي صورت ۾خيرات امداد ڏيڻ بدران غريب بي پهچ ۽ لاچار مريضن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو چيو آهي ته هاڻي غريب ماڻهن کي ڪيش جي صورت ۾خيرات امداد ڏيڻ بدران غريب بي پهچ ۽ لاچار مريضن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو ۽ ڪينسر ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا في مريض تي 6 لک رپين تائين خرچ سرڪار ڀريندي مڪلي سرڪٽ هائوس ۾ زڪوات عشر کاتي پاران غريب بيواهه عورتن ۽ معذور ماڻهن ۾ زڪوات عشر جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو چيو ته پ پ حڪومت غريب ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مختلف قسمن جا پروگرام شروع ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان بيت المال ذريعي هر غريب ماڻهو جو خرچ سرڪار ادا ڪندي ان موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزيرميمڻ چيو ته زڪوات جا چيڪ کليل نموني ورهائڻ جو مقصد حقدار ماڻهن تائين معاوضي جي رقم حقدار ماڻهن تائين پهچ کي يقيني بنائڻ آهي هن چيو ته پ پ جي چونڊيل عيوضين جي ڪوشش سان ٺٽي شهر ۾ ٽراما سينٽر ، ٿيليسيميا سينٽر ، بلڊ بئنڪ ۽ ڊائلاسز يونٽ قائم ڪيا پيا وڃن جنهن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي زڪوات عشر چيئرمين امتياز قريشي چيو ته عيد جي موقعي تي غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي زڪوات عشر ڪميٽي تحت چيڪ ڏنا پيا وڃن هن ڀيري 550 ماڻهن ۾ لوڪل ڪميٽين ذريعي ساڍا 16 لک رپين جا زڪوات چيڪ تقسيم ڪيا پيا وڃن جيڪو رڪارڊ آهي.