خيرپور

نوجوانن کي ملڪ جي ترقي ۾ وڌ ۾وڌ حصو وٺڻ گهرجي: نفيسه شاھ

14th August Photoخيرپور : ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني چيو آهي ته موجوده جمهوري دور ۾ ملڪ اندر تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ملڪ جي پوئتي پيل علائقن خاص طور تي فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ضرورتن ڏانهن خاص توجهه ڏيندي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني تازي هڪ آئيني مسودي تي صحيح ڪري کين ملڪ جي مکيه سياس ڌارا ۾آندوآهي جتي هُو اليڪشن وسيلي پنهنجا سياسي نمائندا چونڊيندا جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. هن اهڙو اظهار ناز هاءِ اسڪول۾65 هين جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاه جيلاني چيو ته موجوده حڪومت منصفاڻوگڏيل مالياتي ايوارڊ ڏئي ملڪ جي ننڍن صوبن کي معاشي احساس محرومي مان نجات ڏياري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي ڇوته هي ملڪ اسان جي وڏن طويل جدوجهد جي نتيجي ۽ الله تعالى جي مهرباني سان آزاد ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معدني وسيلن جي صحيح ۽ سائنسي استعمال جي ضرورت آهي جنهن سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي. ان موقعي تي تقريب کي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ آجياڻي واري تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان جي آزادي بزرگن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جڏهن ملڪ اندر مختلف وسيلن کي ڪتب آڻيندي ترقي جي راهه تي گامزن آهيون. هن چيو ته تعليمي سرگرمين سان گڏو گڏ قومي ڏينهن تي پڻ اهڙيون شاندار تقريبون ملهائڻ زنده قومن جي نشاني آهي هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي ملڪ جي ترقي ۾ وڌ ۾وڌ حصو وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي خطاب ڪندي چيوته موجوده پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ ملڪ توڙي صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا آهن ۽ ميڊيا جي آزادي موجوده جمهوري دور جو حُسن آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي جي خاص ڪوششن سان صوبي ۽ خاص طور تي خيرپور اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته آزاد ملڪ جمهوري دور ۾ هميشه ترقي ڪندا آهن پر بد قسمتي سان اسانجي ملڪ جي تاريخ ۾ وڏو عرصو آرمي جي آمرن حڪومت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي نقصان رسيو آهي. ان موقعي تي ضلعي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن نعت، مولود، ٽيبلو، تقريرون، قومي ترانا ڳايا ۽ ملي نغمن تي پرفارم ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ خيرپور اسڪائوٽس ۽ ڪراٽي جي ٽيمن پاران پڻ مختلف ڪرتب ڏيکاريا ويا. تقريب کان اڳ صبح جو نائين وڳين ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي سربراهي ۾ ملڪ جي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جڏهن تقريب جي آخر ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران نمايا پوزيشن ماڻن تي کين نقد انعام ۽ سرٽفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ سميع الله راشدي، ارباب پلهه، غلام حُسين مغل، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، اِي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ، ناز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد ميمڻ، ڊي او ايجوڪيشن عبدالجبار مري، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻيون مختلف سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي شخصيتن آزادي جي جشن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button