ٺٽو

ميرپوربٺورو سم نالو کي گهارو 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ

Rain in Thattaٺٽو(سجاد علي ميمڻ) تازي پيل برساتن سبب تعلقي ميرپوربٺورو سم نالو کي گهارو 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ ، خبر موجب ڪاروگونگڙو لڳ نهڙيا واٽر وٽ سم نالي کي اوچتو گهارو پئجي ويو جنهن سبب آسپاس جا 15 کان وڌيڪ ڳوٺ جن ۾ حاجي ابراهيم شورو، خدا ڏنو شاهه، صالح محمد شاهه، محمد ملهائو، قادر جت، قبول ٺاراڻي، محمد ٺاراڻي، جمون ماڇي، مامون پرهياڙ، مٺو ملاح، شاهه ڪپور، مهراڻ شر، اڪبر ناريجو، گل حسن جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن سبب گهرن ۾ پيل سامان سوڌو آسپاس بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن جي اطلاع بعد صوبائي وزير سياحت رئيس محمد علي خان ملڪاڻي، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه مذڪوره ڳوٺن جو دورو ڪري متاثر ماڻهن کان حال احوال ورتا، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن متاثرين کي يقين ڏياريو ته پريشاني جي هن گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهيون، جيستائين حڪومتي مدد پهچي اسان پنهنجي وس آهر اوهان جي مدد ڪنداسين. هنن چيو ته سڀ کان پهرين اسان جي ڪوشش آهي ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايون ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي ڪڍي ڪيمپن تائين پهچايو ويو آهي، ضلعي انتطاميا سان رابطو ڪري ڪيمپن ۾ ويٺل ماڻهن کي راشن ڏيارڻ سان گڏ ڊاڪٽر ۽ دوائون موڪليون وينديون. ته جيئن ماڻهو بيمارين کان بچي سگهن.ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اين جي اوز کي اپيل ڪئي ته هو انتظار ڪرڻ بجاءِ متاثر علائقن ۾ فورن پهچي متاثر ماڻهن جي مدد ڪن ۽ سڀ کان پهرين صاف پاڻي مهيا ڪن ته جيئن بيماريون نه ڦهلجن، هنن چيو ته طوفاني برساتن سبب سجو ٺٽو ضلعو متاثر ٿيو آهي، پر سجاول سب ڊويزن تباهه ٿي ويئي آهي جنهن جو حڪومت کي فورن نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سجي ضلعي کي آفت زده قرار ڏنو وڃي ۽ متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي قائم ڪري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي واهر ڪري کين محفوظ هنڌن تي پهچائڻ سان گڏ راشن ، دوائون ۽ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ سان گڏ متاثر علائقن جي سروي ڪرائي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته سجاول تعلقي جوعوام اڳ ئي ٻوڏ جي تباهڪارين کان بي حال هو، مٿان وري طوفاني برساتن هتان جي عوام جي مشڪلاتن ۾ ٻيڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button