موجوده حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي مينڊٽ کي ڇيهو رسايو آهي: ممتاز ڀٽو
ٺٽو( سجاد علي ميمڻ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ بد امني ، قتل ۽ ڦرلٽ سبب صورتحال انتهائي خراب بڻجي چڪي آهي موجوده حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي مينڊٽ کي ڇيهو رسايو آهي ۽ روزانا ڪيترائي ماڻهو موت جي ور چڙهي رهيا آهن پر حڪمران عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ بجائي اڪرباپروري ۽ ڪرپشن وسيلي ملڪي ناڻي جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ پورا آهن. مڪلي سرڪٽ هائوس ۾ ضلعي ٺٽي جي ڪارڪنن سان تنظيمي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ڪراچي ۾ 5000 ماڻهن کي ماريو ويو ۽ صرف ٻن مهينن دوران 400 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريا ويا آهن جڏهن ته سجي سنڌ ۾ بدامني جي صورتحال انتهائي خراب آهي هن چيو ته سنڌ جي عوام پ پ کي شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل پڪڙڻ ۽ روٽي ڪپڙا مڪان ڏيڻ جو مينڊٽ ڏنو هو پر انهي مينڊٽ جي ابتڙ حڪمرانن پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر متحده ۽ قاتل ليگ سان ٺاهه ڪري سنڌ جي عوام جي مفادن کي نقصان رسايو آهي هن چيو ته هاڻي سنڌين کي هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي هي ڌرتي ، دولت ۽ اقتدار سنڌي عوام جو آهي ۽ عوام کي هاڻي ضرور جاڳڻو پوندو هن چيو ته اڳوڻي سال آيل مها ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن کي اجهو به فراهم ڪري نه سگهيا آهن وڌندڙ بک بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي نوجوان خودڪشيون پيا ڪن ۽ مائٽ پنهنجا معصوم بچا وڪڻڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ناڪام ثابت ٿي آهي آئون ان ڳالهه جو قائل آهيان ته مڊٽرم چونڊون سپريم ڪورٽ جي نگراني غيرجانبدار نموني سان ڪرايون وڃن ۽ ان کان اڳ ۾ غير سياسي نگران سيٽ اپ اچي ۽ هنن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڀجڻ جا رستا بند ڪيا وڃن هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته دار صوبي جو مطالبو ۽ ڪراچي ۾ دهشت جو راج قائم ڪندڙ پاڻ ۾ پريمي جوڙا آهن جيڪي ڏوهي وارداتن ۽ لينڊ مافيا جي سرپرستي پيا ڪن. هن چيو ته زرداري مونکي مارائڻ لاءِ پڻ انهن کي وڏيون لالچون ۽ رقمون ڏنيون آهن. ان موقعي تي ساڻس گڏ مرڪزي اڳواڻ ايوب شر، ڊاڪٽر عمر ميمڻ، غلام مصطفيٰ مري، ڏاڏا اسماعيل شورو ۽ ٻيا موجود هئا.