ڪراچي

مارجي ويل ڪارڪنن جو قتل ڪيس وڏي وزير تي داخل ڪرائڻ جو اعلان

Qadir Magsiڪراچي : سنڌ جي وهدانيت کي بچائڻ ۽ ناظمي واري نظام خلاف قومپرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ڪميٽي سنڌ ۾ ڏنل هڙتال تي ڪامياب قرار ڏيندي 21 آگسٽ تي ڪراچي ۾ سنڌ ساليڊرٽي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو ته ڪانفرنس ۾ پ پ جي انهن وزيرن کي دعوت ڏينداسين جن سنڌ جو حقيقي مؤقف رکيو جڏهن ته ڪراچي به هڙتال ۾ نڪتل ريلين دوران مارجي ويل توڙي زخمي ٿيل ڪارڪنن جي ايف آءِ آر سنڌ جي وڏي زويرن سيد قائم علي شاهه خلاف درج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان هڙتال جي پڄاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ حيدر منزل تي پريس ڪانفرنس ڪندي سن بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي، سيد شاهه محمد شاهه،الاهي بخش بڪڪ، ايوب شر،رياض چانڊيو، حريف چانڊيو ۽ ٻين ڪيو. هڙتال دوران مارجي ويلن، زخمي ٿيلن توڙي گرفتار ٿيندڙن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سنڌ ۾ پرامن هڙتال کي پرتشدد هڙتال بنائڻ جي سازش ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ جو باشعور عوام هٿين خالي ۽ پرامن طريقي سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ حڪومت ۽ حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ڏيڻ لاءِ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪندا رهيا. هنن چيو ته ڪراچي کي گاڏي واري هنڌ رکڻ لاءِ وفاق حوالي ڪرڻ واري موقف جي حمايت نٿا ڪريون. هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايل جي او کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا ۽ اسان سنڌ اسيمبلي جي ڪيل ڪمشنري نظام بابت قانون جي پاسداري ڪنداسين پوءِ نتيجا ڪهڙا به نڪرن. هن وڌيڪ چيوته سياست ۾ غلط روايتون متعارف ڪرايون پيون وڃن. جنهن جو نقصان قومپرستن کي نه پوندو پر ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ٿيندو. هنن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي هٿياربندن سڄي شهر ۾ هٿيارن جي بنيادن تي دڪان کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪراچي جي واپارين پاڻ مرادو دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر سرڪي هڙتال دوران شهيد ٿي ويلن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اندرون سنڌ ۾ دلشاد ابڙو ۽ ارباب قمبراڻي کي پوليس ۽ رينجرس گوليون هڻي شهيد ڪيو. جڏهن ته 34 ڄڻا مختلف هنڌن تي ٿيل فائرنگ ۽ چڪرين دوران زخمي ٿيا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. سيد جلال شاهه سوالن جا جواب ڏيندي هڪ سوال ته 50 هزار ماڻهو قومپرستن ڏانهن موڪليا ويندا. سيد جلال شاهه چيو ته ٽڪراءُ جو رواج پ پ وارا وجهندا ته سندن ڳچي۾ پوندو. اڄ حڪومت ۾ آهن سڀاڻ اقتدار ۾ نه هوندا ۽ نه بچي سگهندا. سيد شاهه محمد شاهه سنڌ جي عوام ۽ ڪراچي حيدرآباد جي اردو آبادي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هنن هڙتال ۾ حصو وٺي سنڌ دوستي جوثبوت ڏنو آهي. رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي عوام، اردو آبادي جا به ٿورائتا آهيون پر پ پ ڪارڪنن کي به سلام آهي جن نوشهروفيروز، جيڪب آباد ۽ ٻين هنڌن تي قومپرستن جي جدوجهد جي حق ۾ ساٿ نڀايو ۽ مظاهرا ڪيا. سنڌ نيشنل فرنٽ جي ايوب شر ۽ رزاق باجوا چيو ته سنڌ جو عوام سخت تاءُ ۾آهي.وزيرن جا گهراءُ به ڪيا آهن. ملير ۾ ذوالفقار مرزا جو گهراءُ ڪيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button