غدارن جي لسٽ ڊگهي ٿيندي پئي وڃي
عباس قصر
محترما ساره زمان عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 جولاءِ 2011ع ۾ سنڌ جي غدارن جي ڊگهي لسٽ جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيو آهي آئون نه رڳو ان سان سهمت آهيان پر سندس موقف کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون عرض رکڻ چاهيندس . هڪ ته پاڪستان جي شوق ۾ سنڌ اسيمبلي مان جن ماڻهن ٺهراءَ پاس ڪرايو انهن کي اسان ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪنداسين .
محترما ڄام صادق علي ۽ ارباب رحيم جو ذڪر نه ڪيو ڄام صادق کي سنڌ جا سڀ ماڻهو غدارن جي لسٽ ۾ اهم مقام ٿا ڏين ۽ ڪجهه ماڻهن هنجي قبر کي ساڙڻ جا به اعلان ڪيا هئا . ڪرسي ۾ ڪا اهري ڪشش آهي جو هر سنڌي حڪمران ڪرسي بچائڻ خاطر ڌرتي ماءَ جو سورو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي . جنرل مشرف جي دور ۾ ارباب رحيم ان وقت جي سنڌ اسيمبلي مان ٻه اهڙا ڪارا قانون پاس ڪرايا هئا جن مان هڪ هيٺ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي بندش لڳائي وئي . ۽ ٻي هيٺ ڪراچي ۾ نوڪرين لاءِ ڪراچي جي ڊوميسائيل کي لازمي قرار ڏنو ويو. ائين نه رڳو سنڌي شاگردن تي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ سنڌين لاءِ ڪراچي ۾ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا . ڪراچي ۾ کوڙ سارا تعليمي ادارا آهن رڳو هڪڙي ڪراچي يونيورسٽي ۾ 30 هزار شاگرد پڙهن تا ۽ هر سال 3000 نيون داخلائون ٿين ٿيون جن مان سنڌين کي رڳو 30 داخلائون ملن ٿيون يعني هڪ سيڪڙو صرف ڪراچي ۾ رهدڙ سنڌين جو انگ 20 لک آهي. جيڪو هڪ ڪرور 80 لک جي آبادي واري شهر ۾ نائون حصو يعني يارنهن سيڪڙو ٿئي ٿو. جڏهن ته پنجاب ، پختونستان جي هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ٿي توڙي جو گلگت جي شاگردن جي داخلا به سون ۾ آهي. عربن جي 300 شاگردن کي داخلا ملي ٿي . سنڌين جو ڪراچي يونيورسٽي تي عربن جيترو به حق ناهي ڇا ؟ سنڌي وڏي وزير ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ سنڌي ميمبرن سنڌي قوم جي ٻچن کي هاڄو رسايو .
سنڌي ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته گذريل ٽن سالن کان ڪهڙا ويڌن نه ڪيا آهن . سوات ۽ منگورا جي 15 لک پٺاڻن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄام شوري ۾ آڻي آباد ڪيو. قائم علي شاهه جا اهي جملا اڄ به ڪنن ۾ ڪونجي رهيا آهن ته اهي سان جا مهمان آهن. جڏهن ته 2010 ع جي ٻوڏن ۾ بي گهر ٿيل 70 لک سنڌين مان 7 هزارن کي به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد نه ڪيو ويو . هن وقت حيدرآباد ۾ 300 ڏتڙيل سنڌي خاندان ڪيمپ ۾ بچيا آهن. انهن کي به ڀڄائڻ لاءِ سندن پاڻي بند ڪيو ويو آهي.5 جولاءِ تي ايم ڪيو ايم گذريل ٽن سالن دوران ڇهون ڀيرو حڪومت کان ڌار ٿي هئي . ائين ته مفاهمتي پاليسي هيٺ جمعيت علماءِ اسلام به حڪومت کان ڌار ۽ وري واپس ناهي شامل ٿي . ايم ڪيو ايم هر ڀيري اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنڌ دشمن مطالبا مڃرائي واپس ايندي آهي ايم ڪيو ايم اها راند گذريل ڪيترن سالن کان کيڏندي پئي اچي . هنن جا سنڌ دشمن مطالبا ارباب رحيم جي ڀيٽ ۾ پ پ حڪومت وڌيڪ مڃتا آهن. ته پوءِ اسان تاريخ تي ٿا ڇڏيون ته ڪنهن ڪنهن جا نالا غدارن جي لسٽ ۾ لکي . ايم ڪيو ايم جي گولائين مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته جيئن مڇي پاڻي کان ٻاهر نٿي رهي سگهي تيئن هو اقتدار کان ٻهر نٿا رهي سگهن . ڇڏي ڏنو پير پڪا ڪريو. واپس ايندا پر پ پ قيادت هر ڀيري هنن آڏو گوڏا کوڙيو ڇڏي .
ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات صدر صاحب جي ٻن وائسرائن رحمان ملڪ ۽ بابر اواڻ گورنر هائوس ۾ رات جي انڌيري ۾ سنڌ کي ورهائڻ وارو جيڪو اعلان ڪيو ان جي حوالي سان گهڻن سنڌين جو چوڻ آهي ته قائم علي شاهه جي جاءِ تي ڪو ٻيو سنڌي وڏو وزير هجي ها ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها . وزير ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن اسيمبلي ميمبر استعيفا ناهي ڏني . ذاتي تڪليف ٿي پهچي ته ايوان ۾ استحقاق جي تحريڪ ٿا آئين شهباز شريف رڳو ڳالهه ڪئي هئي ڪراچي کي ڌار صوبو بنائڻ جي ته هڪ وزير شرجيل ميمڻ هٿن مان پي ويو ۽ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءَ آڻي پاس ڪرايائين .هاڻي ڪٿي آهي ؟ ڀڀڪيون هڻندڙ سنڌ جي وزيرن کي سنڌ اسيمبلي سنڌ سان نه پر پنهنجي ڪرسي سان پيار آهي . سنڌ اسيمبلي سنڌ جي عوام جي چونڊيل پارليامينٽ انهي 9 جولاءِ تي آمر مشرف وارو بلدياتي نظام ختم ڪري پراڻو ڪمشنري نظام بحال ڪيو . ايم ڪيو ايم لاڳيتو احتجاج ڪندي رهي ۽ سندس هٿياربندن هٿان 300 کان وڌيڪ بي گناهه شهري ڪراچي ۾ ماريا ويا پوءِ به پ پ حڪومت موقف تي ڄمي رهي . اوچتو 6 ۽ 7 آگسٽ جي وچ واري رات گورنر هائوس ۾ اسلام آباد کان آيل ٻن ڄڻن جن جو سنڌ سان ڪو واسطو به ناهي اهي نه سنڌي آهن نه مهاجر . سنڌ جي گورنر ( جيڪو پڻ اڻ چونڊيل آهي ) ان سان سازباز ڪري سنڌين جي چونڊيل پارليامينٽ مان پاس ڪرايل قانون کي لتاڙيندي رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ جنرل مشرف وارو پراڻو بلدياتي نظام وري لاڳو ڪري بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ سنڌ اسيمبلي جي توهين ڪئي آهي. پر سنڌ اسيمبلي جي ڪنهن ميمبر هنن خلاف مذهمتي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي همت ناهي ڪئي . چونڊيل پارليامينٽ مان پاس ڪيل قانون کي اڻ واسطيدار ماڻهو اڻ چونڊيل گورنر ذريعي آرڊيننس جاري ڪرائي رد ڪرائين ته پوءِ ڪهڙي جمهوريت ڪهڙي پارليامينٽ ؟ مزي جي ڳالهه ته اسان وارو وڏو وزير به گورنر هائوس ۾ موجود هو جنهن نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ هڪ منٽ به دير نه ڪئي . ۽ اهڙي طرح ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ٿالهي ۾ رکي ايم ڪيو ايم حوالي ڪيو ويو . هڪ ڪروڙ 70 لک آبادي واري شهر جا 5 ضلعا ختم ڪري هڪ ضلعو ٺاهيو ويو . ٻي طرف حيدرآباد جي 35 لک آبادي واري ضلعي مان 4 ضلعا ٺاهيا ويا . ڄڻ چرٻٽ راجا وارو دور هجي جنهن ۾ ڪا منظق نٿي هلي . جيئن راجا چهي ڪري ته پوءِ سياسي پارٽيون جمعوريت هر 5 سالن ۾ چونڊون اهي سڀ تماشا ڇا لاءِ آهن؟
سنڌ ورهاڱي واري اعلان سنڌين کي جاڳائي وڌو ، سڄي سنڌ ۾ قوم پرست پارٽين . اديبن، شاگردن سميت مذهبي پارٽين پڻ تاريخي احتجاج ڪري حڪمرانن جون ننڍون ڦٽائي ڇڏيون . جن ورندي رات سڄي سنڌ لاءِ ساڳيو اعلان ڪيو پر سنڌي ماڻهن کي جنرل مشرف وارو نظام قبول ناهي جڏهن ته باقي ٽن صوبن ۾ اهو نظام ختم ڪيو ويو آهي . سنڌ جي ماڻهن کي تاريخي ٻڌي ۽ احتجاج جاري رکڻ گهرجي جيستائين آمر جو نظام ختم نٿو ٿئي.
سنڌي ادبي بورڊ جي 3 ماهي مهراڻ جي شيخ اياز نمبر ڇاپو ٽيون(2005) جي صفعي 426 تي غلام نبي آگري لکيو آهي ’’ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ جڏهن ون يونٽ ۽ سنڏي ٻولي واريون تحريڪون هليون تڏهن به سنڌ جا زميندار پير ۽ مير سنڌ جي عوام کان ڇڄي ڌار ٿي بيٺا هئا. هو سنڌي اديبن شاعرن کي جيتامڙا سمجهندا هئا. ۽ ملڪ جي حاڪم جنرل ايوب خان سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ وس ڪندا هئا. پر جڏهن جيتامڙن جون تحريڪون ڪامياب ٿيون تڏهن سنڌ جا وڏيرا ، پير ، مير وائڙا ٿي ويا . ون يونٽ جي خاتمي وقت مرني ڀوتارن حيدرآباد ۾ هالن جي مخدوم صاحب جي بنگلي تي سنڌ جي ماڻهن کان پنهنجي غداري جي کلي معافي ورتي هئي. سائين جي ايم سيد انهي جلسي جي صدارت ڪئي هئي . پنهنجي ڪتاب ’’ جنم گهاريم جن سين ،، ۾ لکيو اٿس سردارن ، وڏيرن ، پيرن ، ميرن ۽ سيدن جو ذاتي اقتدار ، ذاتي عزت ، ذاتي مطلب کانسوءِ ٻيو ڪو مقصد ڪونهي .
اياز جو هي شعر انهي دور جو يادگار آهي .
اڄ لال لهو جي سرگم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري
منـــهن هيــــڊ ٿيا غدارن جا ، بــــيشرم وڏيرن ، پــيرن جا
[email protected]