ڪراچي

عوام حڪمران ڌر کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو ڏک ۽ اهنج ختم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رهيا پر جواب ۾ سنڌ جي عوام کي لاش ملي رهيا آهن اسدالله ڀٽو جو شانتي نگر ۾ عوامي ميڙ کي خطاب

asadullah bhuttoڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته عوام حڪمران ڌر کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو ڏک ۽ اهنج ختم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رهيا پر جواب ۾ سنڌ جي عوام کي لاش ملي رهيا آهن.لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ جي خاتمي سميت سنڌ ۾ امن امان جو قيام حڪومتي ترجيحات ۾ شامل ئي ڪو نه آهي.اهڙن خيالن اظهار هن اڄ شانتي نگر ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب دوران ڪيو.ان موقعي تي سابق ايم پي اي محمد يونس بارائي ۽ ٻين مقامي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
مولانا ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومتي دعون باوجود دهشتگرد سرعام بي گناهه ماڻهن جي رت سان راند پيا ڪن.هاڻي ته خود اهلڪار به محفوظ ڪو نه آهن.جڏهن عوام جا محافظ به محفوظ نه رهن ته پوءِ عام ماڻهو کي ڇا تحفظ ملندو.حڪومتي ٽولو ڪراچي ۾ جاري رتو ڇاڻ کي روڪڻ ۽ شهرين جي جان،مال ۽ ڪاروبار جي تحفظ لاءِ جوڳا ۽ اثرائتا وٺڻ بجاءِ ڪرسي،وزارتن ۽ اقتدار جي ڪشمڪش ۾ رڌل آهي.مولانا ڀٽو برسات سٽيلن جي امداد ۽ مناسب واهر نه ڪرڻ تي به حڪومتي ڪارڪردگي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر حڪومت نمائشي اقدامن ۽ پنهنجن کي نوازڻ کان سواءِ ڪجهه به نه پئي ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button