مختصر خبرون

عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف ريليون

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف دار دار ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا ، ٺٽو بار ايسوسيئشن جي صدر اعجاز شاهه، ۽ پنهون عقيلي جي اڳواڻي ۾ايڌ ي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پ پ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران مٺا خان لاشاري، صاحب خان کوسو، عثمان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئ. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ ڌرتي آهي جنهن کي انتظامي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سنڌ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ برابر آهي هنن چيو ته اهڙين سنڌ دشمن سازشن خلاف هر محاذ تي مزاحمتي جنگ جاري رکي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button