صوفين جي درس مذهبي تفريق ۽ جنسي مت ڀيد کي ننديوآهي: ڊاڪٽر سيده نفيسه
خيرپور: ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه چيو آهي ته ملڪ جي صوفين جو پيغام هڪ آفاقي پيغام آهي جنهن ۾ مذهبي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي. هن چيو ته صوفين جو درس مذهبي تفريق ۽ جنسي مت ڀيد کي ننديوآهي. هن اهڙو اظهار اڄ سومر ڏينهن حضرت عبدالوهاب سچل سرمست جي سالياني 190 عرس مبارڪ جي موقعي تي سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سُگهڙ ڪچهري ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه چيو ته صوفين جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ علائقي لاءِ ناهي پر سندن درس طبقن ۽ جاگرافي حدن کان بالاتر آهي سندن پيغام ۾ يونيورسلزم سمايل آهين جنهن ۾ مذهبي رواداري، امن، ڀائپي، برداش ۽ صبر جو سبق شامل آهي. هن چيو ته صوفين جي آفاقي پيغام کان متاثر ٿيندي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ سڄي ملڪ لاءِ يڪسان سياسي پيغام آهي. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جو تعلق سنڌ ڌرتي سان آهي جن جو سياسي پيغام پڻ امن ، ڀائيچاري، مذهبي رواداري آهي. هن چيو ته ملڪ اندر پُر تشدد پيغام ڦهلائيندڙ ملڪ جا دشمن آهن جن جي مائينڊ سيٽ جي ڳالهه صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري پڻ ڪئي آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو دشمن ڪو طبقو ناهي پر هڪ مائينڊ سيٽ ۽ هڪ سوچ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت توڙي سندس خيرپور ضلعي جي ناظمي واري دور ۾ سچل سرمست جي درگاهه جي مرمتي ڪم ۽ نون ترقياتي ڪمن ۾ خاص دلچسپي وٺندي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن ۾ سچل ڪامپليڪس، سرمست ريسٽ هائوس، محفلِ سماع هال، مسجد جي تعميراتي ڪم ۽ ٻيون اسڪيمون شامل آهن. هن ٻڌايو ته سُگهڙن جي ڪچهري مان سبق پرايو آهي سندن ٻولي ۽ شاعري تمام سهڻي، سادي ۽ پياري آهي. هن وڌيڪ چيون ته ماڻهن جو خيال آهي فوڪ ڪلچر هيٺين طبقي جو ڪلچر جڏهن ته ڪلاسيڪل ڪلچر مٿائين طبقي جو ڪلچر آهي جنهن کي هُو رد ڪريٿي ۽ هن فوڪ ڪلچر جي تعريف ڪندي چيو ته فوڪ ڪلچر اصل ۾ لوڪل ڏاهپ جو نانءُ آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه سچل يادگار ڪاميٽي کي شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي لکيل ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپائڻ ۽ سُگهڙن جي شاعري کي پڻ انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جي گُذارش ڪئي جڏهن ته صوبي ۾ صوفي ازم سان لاڳاپيل ادارن جي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن وٺڻ جي آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه سچل يادگار ڪاميٽي پاران سچل سرمست جي 190 هين عرس جي موقعي تي انڊيا مان آيل سچل جي مُريدن کي علائقي جو سوکڙيون اجرڪ، ٽوپيون، کيس ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون جڏهن تقريب کي سچل سرمست جي درگاهِ نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي چيو ته سچل جو پيغام عالمي امن، ڀائيچاري ، حق ۽ سچ جو پيغام آهي جنهن کي وڌ ۾ وڌ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ جي خاص ڪوششن سان سچل جي درگاهه جو وڌ ۾ وڌ ترقياتي ڪرايو ويو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده جمهوري دور ۾ حڪمرانن عوام جا جمهوري حق بحال ڪيا آهن کين معاشي خوشحالي آندي آهي ۽ صحافت کي وڌ ۾ وڌ آزاد ڪيو ويوآهي. ان موقعي تي تقريب کي ڊي سي او ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين محمد عباس بلوچ سُگهڙ ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو ته سچل سرمست جهڙا صوفي بزرگ سنڌ جي سونهن آهن سندن پيغام کي عام ڪري عوام ۾ سجاڳي، مذهبي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ۽ ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جي ڪوششن سان سچل سرمست جي درگاهه تي وڌ ۾ وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ سچل ڪامپليڪس، ، مسجد جو مرمتي ڪم، محفلِ سماع هال ۽ نمائش گرائونڊ شامل آهن جنهن جو افتتاح اڱاري ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه افتتاح ڪندو جڏهن ته سرمست ريسٽ هائوس جو سنگ بنياد رکندو. سُگهڙ ڪچهري کان اڳ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه، سچل سرمست درگاهه جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي، ڊي سي او ۽ سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين محمد عباس بلوچ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو سچل جي مزار تي چادر چاڙهي 190هين عرس مبار ڪ جي مختلف تقريبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ علي شير مڪول، غلام حسين مغل، سميع الله راشدي، سرائي نثار علي خاصخيلي، ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل منظور اعواڻ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جا ميمبر لعل بخش منگي، قربان منگي، امر اقبال، اِي ڊي او فنانس خيرپور احمد علي قريشي، اطلاعات کاتي جي سکر ريجن جو ڊائريڪٽر عبدالحق ٽڳڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور سيد ذوالفقارعلي شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر گهوٽڪي سيد آصف علي شاهه، صاحب خان ڀنڊ، ڊي او روينيو طارق نظاماڻي، مختلف تعلقن جا ڊي ڊي او اوز روينيو تعلقي مختيار ڪار ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي سُگهڙ ڪانفرنس کان اڳ ۾ سچل جي فقيرن سُنگ پيش ڪيو جڏهن ضلعي جي مختلف سُگهڙن خليل رحمان مهيسر، حفيظ رحمان مهيسر، گدا حسين سهتو، امام ڏنو مهراڻي ۽ ٻين سگهڙن بيت پيش ڪيا.